سنڌ کي جيترو نقصان وڏيرن، روينيو ڪامورن ۽ سندن ئي عدالتن پهچايو آهي شايد ئي ڪنهن ٻئي ناهي پهچايو۔وڏيرا، روينيو ڪامورا ۽ روينيو عدالتون سچيون ٿين ته سنڌ جهڙي ٻي ڪا دولت ناهي جنهن جا محنت ڪش هاري مارو سکيا ستابا نه ٿين.
ڪجهه ڏينهن اڳ نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر تاج مريءَ سان سنڌ جي هارين ۽ سنڌ جي ٻهراڙين سان ناتو نڀائيندڙن جي حالت و زار بابت ڪجهه گهڙيون خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي زمينن تي طاقتور ڌرين پاران ٿيندڙ آئي ڏينهن والار جو ذڪر ٿيو، جنهن لاءِ نيشنل پارٽي هنڱورجا ۾ هڪ بيٺڪ به منعقد ڪئي وئي هئي۔سنڌ جي زمينن بشمول ڪارونجهر، کيرٿر جبلن، ڪاڇي ڪوهستان ۽ ٿر جي زمينن تي ٿيندڙ غيرقاني والار تي سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ طاقتن کي هڪ ٿيڻ گهربو هو پر افسوس جو اقتداري هوس کين هڪ ڳنڀير مسئلي کان پري رکيو آهي۔
بحيثيت هڪ زرعي سائنسدان ۽ زرعي ڊائجسٽ جي سربراهه جي سنڌ جي ٿر ڪوهستان ۽ ڪاڇي ۾ وڃڻ ٿيو آهي، اتان جي حالت زار جو جائزو وٺڻ جو خدا وند ڪريم موقعو فراهم ڪيو ۔سنڌ جا اهي علائقا اناج جي صورت ۾ سون پئدا ڪرڻ وارا آهن جتي هر قسم جا فصل پئدا ٿين، اتي قيمتي چوپايو مال، جهنگلي جانور، پکي پکڻ ته موجود آهن پر ڪارونجهر، کيرٿر، لڪي وارا جبل آهن، جن ۾ قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جا خزانا لڪيل آهن، جيڪي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي قسمت بدلائي سگهن ٿا. پر اهو سڀ ڪجهه هوندي به اتي غربت بک بيروزگاري ۽ جهالت آهي جنهن جو مک ڪارڻ اتان جي وسيلن تي طاقتور ڌرين وڏيرن سردارن ميرن پيرن ۽ روينيو جي ڪامورن جي دخل اندازي ۽ قبضو آهي، جيڪي اتان جي مورثي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو نٿا ڏين ۽ قيمتي وسيلا ڌارين جي قبضي ۾ ٿيندا پيا وڃن۔
جتي جتي به سرڪاري زرعي زمينون پيل آهن انهن جا وارث صرف اتان جا موروثي مقامي بي زمين هاري حقدار آهن، جن کي اهي زمينون نه صرف ملڻ گهرجن پر اتي ڪئنالن جو پاڻي يا وري ٽيوب ويل مهيا ڪري ڏيڻ گهرجن ته جيئن اهي زمينون آباد به ٿي سگهن۔ايوب دور حڪومت ۾ سنڌ جون بيراجي زمينون پنجاب جي ماڻهن کي تحفي طور مليون جن تي هن وقت به اهي قابض آهن ۽ پوک ڪن ٿا ۽ سوين چڪ قائم ٿيل آهن جتي بجلي پاڻي سميت هر اها سهولت موجود آهي جيڪا سنڌ جي باقي ڳوٺن ۾ موجود ناهي.
ن ليگ ۽ پ پ پ دور حڪومتن ۾ زرعي سڌارن جي آڙ ۾ پنهنجا نوازي جي بنياد تي سرڪاري زمينون بي زمين هارين کي ڏنيون ويون پر بظاهر اهي هارين کي مليون سي به اهي هاري جيڪي وڏيرن ۽ روينيو ملازمن جا واسطيدار هيا ۽ اڳتي هلي وڏيرن ۽ سرڪاري ملازمن حوالي ٿيون،هن وقت اهڙين زمينن جا مالڪ به اهي ئي آهن۔
هن سموري ڊرامي جي اسڪرپٽ روينيو وارن جي ٺهيل هئي ۽ آهي.سنڌ ۾ اربين روپين جي قيمتي زرعي زمين جا مالڪ روينيو کاتي جا ملازم يا انهن جا عزيز اقارب آهن جن کي مختيارڪارن بي زمين هاري هجڻ جا سرٽفڪيٽ ڏياري شهري بابوئن کي سستي اگهن تي ليز ڪيون ويون آهن۔ اهڙا ثبوت موجود آهن۔هاڻ ته اهي زمينون رڪارڊ تي آڻي وڪرو به ٿي چڪيون آهن ته جيئن روينيو ملازم بچي سگهن۔جوهي تعلقي جي ديهه بٺي ۽ ديهه قبو قلندر ون ۾ ته وڏا ڪلور ٿيل آهن جڏهن ته ٻيون به ڪافي ديهون شامل آهن۔سنڌ جو ڪو به ضلعو بدعنوانين کان خالي ناهي جتي سرڪاري زمينن سان هٿ چراند نه ٿي هجي۔چوڻ وارا چون ٿا ته 2007 ۾ جيڪي هنگاما ٿيا هئا تن ۾ رڪارڊ سڙيو ئي نه هو پر رڪارڊ سڙڻ جا بهانا بڻائي سرڪاري زمينن تي ولار ڪئي وئي.
سنڌ ۾ بورڊ آف روينيو انهيءَ بنياد تي قائم ڪيو ويو هو ۽ روينيو ائڪٽ ٺهيو ته سنڌ اندر روينيو مسئلا اوليتي بنيادن تحت حل ٿي سگهن پر هي بورڊ ۽ ائڪٽ ڪرپشن ۽ روينيو ڪامورن جي عياشين جو هڪ وسيلو ثابت ٿيو آهي جتي سائلين مري ته وڃي ٿو پر کين حق نٿا ملن۔بورڊ جا ميمبر هفتي ۾ هڪ ڏينهن سو به قسمت سان اچن ٿا باقي آفيسون ريڊرن حوالي آهن جتي روينيو وڪيلن جي معرفت هر قسم جي ڊيل ٿئي ٿي.روينيو وڪيل گهڻو ڪري روينيو جا رٽائرڊ ملازم ۽ ڪامورا آهن ۔روينيو عدالتن جا سربراهه روينيو ڪامورا آهن جن کي روينيو ائڪٽ جي ڪا به ڄاڻ يا عدالت هلائڻ جو تجربو ناهي۔ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جون آفيسون انڌير ننگري چرٻٽ راجا جو ڏيک پيون ڏين جتي سائلين تي ذهني تشدد ٿئي ٿو۔
سنڌ ۽ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ اجائي والار کي ختم ڪرڻو آهي ته اهڙي حالت ۾ روينيو عدالتن کي ختم ڪري اهي سينئر ججن حوالي ڪرڻيون پونديون ته جيئن سائلين کي سستو ۽ فوري انصاف ملي سگهي جنهن لاءِ روينيو ائڪٽ ۾ تبديلي به آڻڻي پوندي. سينئر ججن کي ضلعن ۽ ڊويزن سطح تي روينيو عدالت جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن روينيو عدالتون هفتي جا ڇهه ڏينهن ڪم ڪري مقامي ۽ علائقي سطح تي عوامي مسئلا ترت حل ڪري سگهن۔اهڙي ريت هڪ ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا ماضي ۾ ليز ٿيل سمورين زمينن جي جاچ پڙتال ڪري ته اهي حقدار ماڻهن کي مليون آهن يا نه.جن به روينيو ملازمن يا سندن اولاد کي بي زمين هاري ڄاڻائي زمينون ليز ڪيون ويون آهن سي فوري ۽ اوليتي بنيادن تي رد ڪري کائنن ورتل فائدو واپس ڪرايو وڃي ۽ مٿن فراڊ جا ڪيس هلائي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
سنڌ ۽ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ اجائي والار کي ختم ڪرڻو آهي ته اهڙي حالت ۾ روينيو عدالتن کي ختم ڪري اهي سينئر ججن حوالي ڪرڻيون پونديون ته جيئن سائلين کي سستو ۽ فوري انصاف ملي سگهي جنهن لاءِ روينيو ائڪٽ ۾ تبديلي به آڻڻي پوندي. سينئر ججن کي ضلعن ۽ ڊويزن سطح تي روينيو عدالت جو سربراهه مقرر ڪيو وڃي ته جيئن روينيو عدالتون هفتي جا ڇهه ڏينهن ڪم ڪري مقامي ۽ علائقي سطح تي عوامي مسئلا ترت حل ڪري سگهن۔ا