موجوده سياسي حالتون ۽ نه سکڻ وارو الميو

تحرير: رفيق پٽيل

”ملڪن ٽٽڻ جا ڏھ سبب“ جي عنوان سان آمريڪا جي راڄڌاني ڊي سي واشنگٽن مان شايع ٿيل انتھائي معتبر عالمي رسالي “فارين پاليسي“ ھڪ مضمون شايع ڪيو ھو.جيڪو ٻن محققن ڊيرن ايساماگلو ۽ جيمز اي رابنسن لکيو ھو.ان جي ذيلي سرخي ھئي ”رياستون رات وچ ۾ زوال پذير نٿيون ٿين سياسي ادارن جي اندر گھرائي ۾ تباھي جا ٻج ڦٽن ٿا“ .

ان مضمون ۾ لکيو ويو آھي تھ اڪثر ملڪ ڪنھن ڌماڪي واري حادثي جي ڪري نٿا ٽٽن بلڪھ خرابيون خاموشي سان آھستي آھستي ان جو سبب ٿين ٿيون،اھي جنگين يا پرتشدد واقعن جي بجاءِ پنھنجي معاشري ۾ ترقي ڪرڻ جي بھترين صلاحيتن کان محروم رکڻ ۽شھرين کي سھولتن کان محروم رکڻ، انھن کي غربت ۾ مبتلا ڪرڻ جي، سبب زوال پذير ٿين ٿا.اھي رياستون ان ڪري ٽٽن ٿيون جو، انھن رياستن جا حڪمران مالي وسيلن کي چوسي ڇڏين ٿا (يعني رياست جي وسيلن کي پنھنجي ذاتي مال ۽ دولت ۾ اضافي ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪندا آھن)پاڪستاني سماج ۾ اھڙي تحقيقن کي پوئتي ڌڪيو ويندو آھي.

ان مضمون کانسواءِ گڏيل قومن ملڪن جي ترقي جي لاءِ جيڪي طورطريقا ۽ اصول مقرر ڪيا آھن، تن مان اھم نڪتن ۾ ماڻھن جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بڻائڻ (يعني بھتر روزگاري، بھتر تعليمي سھولتون ،بھتر ٽرانسپورٽ، بجلي، گئس. رستا، انٽرنيٽ،گدلاڻ کان پاڪ ماحول ۽ صحت جون سھولتون ھر شھري کي فراھم ڪرڻ شامل آھي ).

آزاد ۽ انصاف ڀريون چونڊون.سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ابتدائي قدم آھن،پر ھاڻوڪين حالتن ۾ چونڊن جي عمل کي تباھي ڏانھن ڌڪيو ويو آھي.ڪجھ مبصرن موجب نتيجا اڳ ۾ ئي اچي چڪا آھن،رڳو خانھ پوري ڪئي پئي وڃي،گھربل نتيجن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت پي ٽي آءِ،کي چونڊ عمل مان ٻاھر ڪيو ويو آھي. ان کان سندن چونڊ نشان ”بيٽ“  ڦريو ويو آھي،ھاڻي عمران خان جي جماعت کي عجيب نشان ڏنا پيا وڃن،جنھن ۾ جوتو،واڱڻ،کٽ،ٻڪري وغيرھ شامل آھن.افسوس جي ڳالھھ آھي تھ اھو فيصلو اعليٰ عدليھ کان آيو آھي ۽ ھاڻي سڌ سماءَ جا عالمي ذريعا ان فيصلي تي چرچا ڪري رھياآھن.

ھندوستان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس مارڪانڊي ڪاتجو، ان فيصلي کي دنيا جي عدالتي تاريخ جو ڪارو فيصلو قرار ڏنو ۽ چيو تھ اھي جانبدار آھن ۽ انھن جي عمران خان سان ذاتي رنجش آھي،اھو فيصلو بھ بندوق جو ابتو فائر ثابت ٿيندو.جنھن سان اسان جي عدليھ جي ساک گھڻي متاثر ٿيندي.

جيڪو معاشرو بي ايماني تي داد،تحسين ڏيڻ لڳي،امتيازي سلوڪ تي واھ واھ ڪري ۽ ان جي نتيجي ۾ استحڪام جي اميد ڪجي ان کان وڏي بيوقوفي ڪھڙي ھوندي،اھا مڃيل حقيقت آھي تھ ترقي ڪندڙ معاشرن جي گڏيل راويتن ۾ پنھنجن شھرين سان امتيازي ورتاءُ نھ ڪرڻ،عدل وانصاف کي ھٿي ڏيڻ،ملڪي معاملن ۽سياسي عمل ۾ سمورن طبقن جي وڌ کان وڌ شرڪت،محروم طبقن کي تحفظ ڏيڻ کانسواءِ راءِ عامھ جو احترام بھ شامل آھي.پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ ان جي ابتڙ ڪم ٿي رھيو آھي.

جيتوڻڪ “بيٽ“ جي نشان ڦرڻ  بعد پي ٽي آءِ،ھڪ ٻي جماعت پي ٽي آءِ نظرياتي سان اتحاد بھ ڪيو آھي،پر پي ٽي آءِ ،مطابق ان جماعت جي چيئرمين کي گرفتار ڪري،جبري پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي ۽ ڪنھن بھ معاھدي کان انڪار ڪرايو ويو.جنھن جو اظھار پي ٽي آءِ، جي وڪيل لطيف کوسھ 15 جنوري جي سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي دوران بھ ڪيو.

ھن وقت بھ پي ٽي آءِ، جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آھي. 13 جنوري جي سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي جي باري ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي رويي تي پي ٽي آءِ الزام لڳايو تھ سموري ڪارروائي ۾ ان جي وڪيلن کي ڳالھائڻ جو موقعو نھ ڏنو ويو ۽ ھو پاڻ گھڻي گفتگو ڪندو رھيو،ايتري تائين جو ھن غيرمتعلقھ گفتگو ڪندي بار بار حامد علي خان کي چيو تھ توھان تھ ايترا سينئر آھيون، توھان کي چيئرمين ڇو نھ بڻايو ويو،انھي ڪارراوئي دوران پي ٽي آءِ، جي چيئرمين گوھر علي خان جي گھر تي ڇاپو ھڻي پوليس سندس گھرواريءَ ۽ ٻارن کي مارڪٽ ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي وئي تھ ان صورتحال کي ٽي وي، تي نھ ڏيکاريو وڃي،پر سڀ ڪجھ لڪائڻ ممڪن نھ ٿي سگھيو ۽ اھا ڳالھھ سموري دنيا کي ڏيکارڻي پئي.

پي ٽي آءِ شروع کان اھو الزام لڳائي رھي آھي تھ سمورو ڊرامو نوازشريف کي وزيراعظم بڻائڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي ۽ ھن کي اڳ ۾ ئي وزيراعظم جو پروٽوڪول ڏنو ويو آھي.ڌانڌلي وارين چونڊن جي ذريعي پي ٽي آءِ، جي رستي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي،الزامن کي ھڪ پاسي رکيو وڃي پر حقيقت کان انڪار ممڪن نھ آھي تھ پاڪستان اڳ ئي ھڪ خوفناڪ معاشي بحران ۾ ورتل آھي، ان مان نڪرڻ لاءِ ھڪ اثرائتي سياسي قوت جي ضرورت آھي،جنھن کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل ھجي،ھاڻوڪين چونڊن جا نتيجا بي معنيٰ ٿي چڪا آھن.پي ٽي آءِ ،اخلاقي طور تي جنگ کٽي چڪي آھي.انھن قدمن سان ھن جي عوامي حمايت ۽ سياسي طاقت ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.

گذريل حڪومت جي  قدمن سان اھڙو ڪجهھ نھ ٿي سگھيو تھ جيئن ملڪ جي معيشت بھتر ٿئي ھجي،عوام کي مھانگائي،بي روزگاي ۽ بجلي جي بلن مان ڇوٽڪارو مليو ھجي.مسلم ليگ ن جي ان سلسلي ۾ عدم دلچسپيءَ جو اندازو ان ڳالھھ مان لڳائي سگھجي ٿو تھ پاڪستان جي مشھور سائنسدان ثمرمبارڪ گھٽ قيمت جي بجلي تيار ڪرڻ جو پروجيڪٽ تيار ڪيو ھو پر مسلم ليگ جي حڪومت اھو بند ڪرائي ڇڏيو. ائين محسوس ٿئي ٿو تھ جھڙوڪر  پاڪستان جي قوتن کي. ملڪ جي مستقبل ۽ عوام جي خوشحالي سان ڪنھن قسم جي ڪا دلچسپيءَ نھ آھي ۽ اھي پنھنجي ذاتي مفادن ۽ اقتدار جي حصول جي ڄار ۾ قيد آھن.جڏھن سياسي انتظام ڪندڙ ۽ طاقتور پنھنجي ناپسند جي ڪاميابي ۽ پنھنجي پسند جي شڪست کي آڏو ڏسن تھ، اھي غيرمھذب طريقن تي لھي ٿا اچن.

اھو ئي حال ھاڻوڪي پاڪستاني سياست جو آھي.عوام جو ايتري قدر خوف آھي، جو ڪنھن بھ طرح انھن کي چونڊن کان پري رکيو وڃي.اھو سلسلو تڏھن کان وڌيڪ شدت سان جاري آھي،جڏھن کان عمران خان جي حڪومت 9جو  اپريل 2022  تي خاتمو ٿيو،حالانڪھ اھو ان وقت ايترو مقبول نھ ھو. ان کي جيترو دٻايو ويو ان جي مقبوليت وڌندي وئي،  ان جو اندازو دنيا جي مقبول رسالي دي اڪنامسٽ  ۾، عمران جي مضمون جي غيرمعمولي شھرت مان لڳائي سگھجي ٿو.اھو جيل ۾ نھ ھجي ھا تھ ھن کي ايتري مقبوليت نھ ملي ھا.جيل ۾ ھن سان ھمدردي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي،حڪومت جي بي وقوفي وارن قدمن سان اھڙي غيرمعمولي صورت ڏئي ڇڏي آھي جو ھن جي آڏو ٻيا سڀ ڄڻ ننڍڙا لڳن ٿا،وزيراعظم جي عھدي جي بھ ھن جي لاءِ ڪاحيثيت نھ رھي آھي.ھڪ ٻيو خطرناڪ پھلو عوام ۾ پکڙيل بي چيني ۽ ڪاوڙ جي لھر آھي،جيڪا ھڪ آتش فشان جي صورت اختيار ڪري رھيو آھي ۽ شايد اختيار رکندڙن کي اھا تصوير نظر نھ اچي رھي آھي، پر ايئن نھ ٿئي جو پاڻي سر مٿان گذري وڃي.

 

پاڪستان جي قوتن کي. ملڪ جي مستقبل ۽ عوام جي خوشحالي سان ڪنھن قسم جي ڪا دلچسپيءَ نھ آھي ۽ اھي پنھنجي ذاتي مفادن ۽ اقتدار جي حصول جي ڄار ۾ قيد آھن.جڏھن سياسي انتظام ڪندڙ ۽ طاقتور پنھنجي ناپسند جي ڪاميابي ۽ پنھنجي پسند جي شڪست کي آڏو ڏسن تھ، اھي غيرمھذب طريقن تي لھي ٿا اچن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.