عوام جنهن کي ووٽ ڏئي ان جو احترام ڪنداسين: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته عوام پنهنجي ووٽ جو حق جنهن لاءِ به استعمال ڪري، ان جو احترام ڪنداسين.
پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري تي پاڪستانين کي پنهنجي ووٽ جي طاقت سان مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي، ايندڙ 5 سالن لاءِ ملڪ ۽ قوم جي قسمت جو فيصلو ٿيڻو آ، توهان خدمت ڪرڻ جو موقعو پنهنجي جماعت کي ڏيو، 24 ڪروڙ ماڻهن کي اپيل ٿو ڪيان ته ووٽ توهان جو حق آهي، جنهن کي ڏيو اسان ان جو احترام ڪنداسين.
هن چيو ته ملڪ مسئلن جو شڪار آهي، ن ليگ کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو، ووٽ ڏيندي اها ڳالهه ذڪر ۾ رکو ته ڪهڙي جماعت ۽ ڪهڙي ليڊر خدمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.