اسلام آباد ( م ڊ ) ملڪ جي 17 شهرن ۾ 50 مارڪيٽن جي سروي جي بنياد تي، جنوري تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران 51 ضروري شين جي قيمتن جو جائزو ورتو، جن مان 22 شين جي قيمتن ۾ اضافو، 8 ۾ گهٽتائي ۽ 21 شين جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي. جن شين جي قيمتن ۾ سالياني بنيادن تي سڀ کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو، انهن ۾ پهرين ٽي ماهي لاءِ گيس چارجز (1108 سيڪڙو)، ٽماٽا (183.16 سيڪڙو)، مرچ (81.74 سيڪڙو)، ڪڻڪ جو اٽو (65.03 سيڪڙو) شامل آهن. ٿوم (60.45 سيڪڙو)، مرداڻي چپل (58.05 سيڪڙو)، کنڊ (57.26 سيڪڙو)، مرداڻا سينڊل (53.37 سيڪڙو)، چانور ايري 6/9 (49.95 سيڪڙو)، گجر (49.45 سيڪڙو) ۽ انڊا (47.54 سيڪڙو) وڌي ويا. ڪڪڙ جو گوشت (2.26 سيڪڙو)، ڪيلا (2.14 سيڪڙو)، آنا (1.89 سيڪڙو). ميچ پيڪيٽ (1.67 سيڪڙو) ۽ دال ۾ (1.46 سيڪڙو) واڌ ٿي.ٻئي پاسي ملڪ ۾ بصرن جي في ڪلو قيمت 320 روپين تائين پهچي وئي آهي. ڳڻپ واري کاتي موجب اسلام آباد ۾ بصر 320. راولپنڊي ۾ 310 ۽ سيالڪوٽ ۾ 270 روپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿين پيا جڏهن ته پشاور ۾ بصر 280 روپيا ۽ خضدار ۾ 250 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن. ڳڻپ واري کاتي موجب ڪراچي، لاهور ۽ گوجرانوالا ۾ بصر جي في ڪلو قيمت 240 روپين تائين آهي، فيصل آباد، سرگوڌا، ملتان ۽ بهاولپور ۾ بصرن جي في ڪلو قيمت 220 روپيا آهي جڏهن ته حيدرآباد ۽ بنون ۾ بصر 200 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. ڳڻتي واري کاتي موجب گذريل هفتي بصرن جي وڌ کان وڌ في ڪلو قيمت 260 روپين تائين هئي.