ڪراچي (رپورٽر ) ڪياماڙي ضلعي مواڇ ڳوٺ ۾ مزمل نالي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي موچڪو پوليس واقعي جي مک جوابدار شهريار کي گرفتار ڪري ورتو ايس ايس پي ڪياماڙي موجب گرفتار جوابدار ڦر دوران مزاحمت تي قتل جو اعتراف ڪيو، جوابدار جي قبضي مان واقعي ۾ استعمال ٿيل پستول پڻ هٿ ڪيو ويو، 14 جنوري تي ٻن جوابدارن مزمل کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، واقعي تي فوري طور تي خاص ٽيم جوڙي وئي, ٽيڪنيڪل ذريعن ۽ انٽيليجنس معلومات جي مدد سان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيل ٻيو جوابدار زين العابدين واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گروهه ۾ شامل آهي، جيڪي اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون ڪندا آهن، واقعي وقت زين العابدين جوابدار سان گڏ موجود نه هو، جاچ دوران گرفتار جوابدار شهريار ٽيم کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. آصف عرف چڪنا هڪ ساٿي سان گڏجي مزمل جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو. ايف آءِ آر ۾ مقتول جي وارثن دشمني سبب قتل جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.