سنڌ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت موجود آهي: گورنر

ڪراچي(رپورٽر)  گورنر  ڪامران خان ٽيسوري سان وزيراعظم جي صحت پروگرام جي سي اي او محمد ارشد ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس  ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شعيب جاويد حسين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عام ماڻهن لاءِ هيلٿ انشورنس جي سهولت، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ چيو ته صحت جي سهولتن تائين پهچ عوام جو بنيادي حق آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، سٺي صحت هڪ ترقي يافته سماج جو بنياد آهي، هن چيو ته عوامي صحت بابت مضبوط پاليسي صحتمند آبادي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. عام ماڻهن کي هيلٿ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن هو سٺي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهن.  سنڌ جي گورنر هدايت ڪئي ته صحت جي سهولت ڪارڊ جي تفصيل کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، هن چيو ته هيلٿ انشورنس پروجيڪٽ جلد شروع ڪيو ويندو، 2016ع کان وٺي سڄي ملڪ ۾ صحت سهولت ڪارڊ ذريعي علاج جي دستيابي ماڻهن جي پهچ ۾ آهي، هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آھي جنهن ۾ اڃا تائين اها سهولت ناهي، ڇا سبب آهي جو سنڌ جي عوام ان سهولت مان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اڄ ان حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، گورنر سنڌ چيو ته ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان ڳالھ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.