ڪراچي هاڻي اصل نمائندن کي ملڻو آهي: خالد مقبول

ڪراچي ( م ڊ)   متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ڪراچي هاڻي ڪراچي  نمائندن کي ملڻو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جي عوام ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ اچي، چونڊن کان اڳ پنهنجي حقيقي نمائندن کي مينڊيٽ ڏنو آهي، 21 جنوري تي ان مينڊيٽ تي مهر لڳائي ويندي، 21 جنوري تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وڏو جلسو ٿيندو. هن چيو ته سنڌ جا شهري 75 سالن کان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم جي چونڊ جلسن ۾ ڪراچي جي عوام جي راءِ سامهون آئي. خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جي عوام جلسن ۾ شرڪت ڪري مينڊيٽ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.