اديب ۽ ڏاهي رسول بخش پليجو جي اڄ سالگرهه، تقريبون رٿيل

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي سربراهه، اديب،  نقاد ۽ قانوندان رسول بخش پليجي جي اڄ 20 جنوري تي 94 هين سالگرهه ملهائي ويندي، عوامي تحريڪ طرفان سڄي سنڌ ۾ سالگرهه تقريبون رٿيل آهن، سالگرهه جي مک تقريب ٺٽي ۾ مڪلي جي مقامي هال ۾ ٿيندي، تقريب کان اڳ جنگشاهي ۾ سندس آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي کيس سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان سلامي ڏني ويندي، مڪلي ۾ منعقد ڪيل رسول بخش پليجي جي سالگرهه تقريب کي اديب، دانشور، شاعر، وڪيل، صحافي، سياسي ۽ سماجي شخصيتون، شاگرد، هاري ۽ مزدور اڳواڻ خطاب ڪندا. سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان ٽيبلوز پيش ڪيا ويندا، قومي شاعر ۽ فنڪار قومي ۽ انقلابي شاعريون پڙهي ۽ گيت ڳائي ثقافتي ڀيٽا پيش ڪندا، عوامي تحريڪ صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو ۽ گهنور خان زئور پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته رسول بخش پليجو مظلوم قومن جو اڳواڻ هو، هن پنهنجي سموري حياتي هارين ۽ پورهيتن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ زمينن تي قبضن خلاف زبردست جدوجهد ڪئي،عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجي جي سالگرهه جي موقعي تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ۽ سنڌ جي وجود ۽ وسيلن جي بچاءَ واري جدوجهد کي جاري رکڻ جو به وچن ڪيو ويندو، عوامي تحريڪ پنهنجي قائد سان وچن ڪيو هو ته عوامي تحريڪ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ سدائين جدوجهد ڪندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.