صنعتن ۽ ڪارخانن جي مزدورن جون پگهارون آن لائين ڪيون وڃن: عمر سومرو

ڪراچي(رپورٽر)  نگران سنڌ حڪومت صنعتڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته قانون تحت سمورين صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جون پگهارون آن لائن ادا ڪيون وڃن، اجلاس ۾ 28 کاتن ۽ صنعتڪارن سان گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري هيومن رائيٽس سنڌ تحسين فاطمه، چيئرمين سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن اقبال احمد ڏيٿو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري صنعت رشيد احمد سولنگي ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽرين ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ جي ايس پي پلس جي اهم ضابطن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ آفيسرن سان ڳالهائيندي انساني حقن واري صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته مزدورن جي حقن، ماحولياتي تحفظ ۽ گورننس تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ جي ايس پي پلس جو درجو ختم ڪري سگهجي ٿو، يا ته زبردستي يا رضامندي سان، گهريلو مزدور، چائلڊ ليبر. ڪم جي جڳهه تي جنس رنگ ۽ نسل عقيدي جي بنياد تي تعصب وارو سلوڪ ختم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن جي ايس پي پلس هليو ويو ته پوءِ هر ڪنهن کي هٿ مٿي کڻي ڪري هلڻو پوندو. عمر سومرو محنت ۽ صنعت واري کاتي کي هدايت ڪئي ته صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جون پگهارون قانون تحت آن لائن جمع ڪرايون وڃن ته جيئن معلوم ٿئي ته کين حڪومت طرفان مقرر ڪيل اجرت ملي رهي آهي يا نه، ان تي عمل نه ڪرڻ وارن خلاف قانون جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ صنعت واري سيڪريٽري رشيد احمد سولنگي چيو ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي قانون موجود آهي ته صنعتڪار صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جون پگهارون بئنڪن ۾ جمع ڪرائڻ جا پابند آهن، پر ڪيترائي صنعتڪار ان تي عمل نه ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيئرمين سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن اقبال احمد ڏيٿو چيو ته ڪيترن ئي هنڌن کان شڪايتون اچي رهيون آهن ته مزدورن کي تمام گهٽ پگهارون ڏنيون پيون وڃن، اسان ڪيترن ئي صنعتن ۽ ادارن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.