ڪراچي (م ڊ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ان حوالي سان چيو ته اسلم آفريدي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جو ميمبر هو، ايم ڪيو ايم پنهنجي آخري پساهه ۾ آهي. اسلم آفريدي چيو ته ڪيترائي ساٿي جيڪي گمراهه ٿيا هئا اهي واپس اچي رهيا آهن. هن چيو ته تمام گهڻي ڊگهي لائين آهي، هي ته رڳو ٽريلر آهي.