اليڪشن ڪميشن جون هدايتون نظرانداز،جلسي ۾ مڪاني نمائندن جي شرڪت

ميھڙ:  اليڪشن ڪميشن پاران بلدياتي ادارن جي نمائندن تي چونڊ سرگرميون ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ باوجود به ميھڙ جلسي ۾ ضلع دادو جي چيئرمين سيد محمد شاهه , ٽائون ڪاميٽي راڌڻ جي چيئرمين غلام دستگير ڳورڙ ، ٽائون ڪاميٽي سيتا جي چيئرمين قمبر لغاري سميت چئني تعلقن ۽ ضلع جي اڪثر يونين ڪائونسل جي چونڊيل پ پ پ چيئرمينن ، ضلع ميمبرن ۽ ڪائونسلرن شرڪت ڪري اسٽيج تي سرگرميون ڪندا اليڪشن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي

رفيق جمالي ۽ امتياز ٻٽ بلاول کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو

ميھڙ پ پ پ ضلعي دادو جي صدر رفيق جمالي ۽ امتياز پاشا ٻٽ بلاول ڀٽو زرداري کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو جلسي ۾ پ پ پ سنڌ  جو صدر نثار کھوڙو ، اڳوڻو ايم پي اي نواب سردار چانڊيو ، نواب برھان چانڊيو سميت ضلع جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي

پاڪ-ايران ڇڪتاڻ، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب

اسلام آباد (م ڊ)  پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اجلاس  جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ آرمي چيف ۽ ٻيا سروسز چيفس شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي پاڪ ايران ڇڪتاڻ تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڳجهن ادارن جا عملدار به شرڪت ڪندا. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي فيصلا ڪيا ويندا. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري معاملي تي ڪابينا جو اجلاس اڄ 2 وڳي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي جي موجوده صورتحال ۽ پاڪستان ايران ڇڪتاڻ تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ تي مستقبل جي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو.

پاڪستاني سرزمين تي ايراني دهشتگرد تنظيم کي هدف بڻايو: ايراني پرڏيهي وزير

ڊيوس(م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان چيو آهي ته پاڪستان سان دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ايراني دهشتگرد تنظيم کي هدف بڻايو آهي.ڊيوس  ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي ڪنهن شهري کي نشانو ناهي بڻايو پر حملن جو هدف دهشتگرد تنظيم جيش العدل هئي، جيڪا ايراني دهشتگرد تنظيم آهي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي سرحدي علائقن ۾ تخريبڪاري ۾ ملوث آهي. هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني اختيارين سان واقعن بابت گفتگو ڪئي آهي، اسان جا قدم ايران، پاڪستان ۽ عراق جي سلامتي جي مفاد ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.