نوازشريف انتقام وٺندڙ شخص آهي، چوٿون ڀيرو لاڏلو بڻجڻ جو تاثر پيو ڏئي: بلاول

نوشهرو فيروز/ميهڙ(رپورٽ:عتيق الرحمان وسطڙو+فراز چنا)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوشهرو فيروز ۾ هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري اسان جي جشن جو ڏينهن هوندو ان ڏينهن مخالف ڳوليا نه لڀندا. هن  نوازشريف تي اڻ سڌي ريت تنقيد ڪندي چيو ته  تاريخ گواھ آهي ته جڏهن به هيءُ وزير اعظم ٿيو آهي ته ملڪ ۽ سنڌ جو نقصان ڪيو آهي شينهن عوام جو رت چوسي ٿو مقابلو شينهن ۽ تير جو آهي هن چيو ته جيڪڏهن مون کي وزير اعظم بڻايو ويو ته 10 نقاطي پروگرام تي عمل ڪرائيندس 300 يونٽ مفت بجلي سولر ذريعي پهچائيندس ۽ روٽي ڪپڙا مڪان جو اعلان تي پورو لهنداسين. ملڪ ۾  30 لک پڪا گهر ڏينداسين جيڪي  غريبن کي ڏنا ويندا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو ڪنداسين، بينظير مزدور ڪارڊ،ليبر ڪارڊ ڏنا ويندا، هن چيو ته اسان ٻوڏ کانپوءِ متاثرن جي مدد ڪئي، گهر ٺاهڻ جو سڀ کان وڏو منصوبو سنڌ حڪومت هلائي رهي آهي، نگران حڪومت ۾ منصوبا سست ٿي ويا آهن پر چونڊون کٽي ٻيهر ڪم شروع ڪنداسين، جڏهن ته نوشهري فيروز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته آزاد ميمبرن تي نظر آهي، اسان پنهنجي ورڪنگ پوري ڪري ڇڏي آهي، آزاد ميمبرن سان گڏجي پ پ جي حڪومت ٺاهينداسين، هن چيو ته اسان حڪومت ٺاهينداسين ته نوازشريف اپوزيشن ليڊر بڻجندو، آصف زرداري اليڪشن کانپوءِ توهان کي وڌيڪ سرگرم نظر ايندو، هن چيو ته نوازشريف سمجهي ٿو ته تاثر بڻائي حڪومت ۾ ايندو، پر ايئن نه ٿيندو، سوڀ عوام جي ٿيندي، سوڀ پ پ جي ٿيندي، هن چيو ته عوام مون کي وزيراعظم بڻائي گڏجي غربت ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪنداسين، هوڏانهن دادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو خواب ڏسندڙ شينهن عوام جو رت چوسي ٿو ۽ پاڻ گهر ۾ ويهي ٻين کي چوي ٿو  ته منهنجي مخالف کي گرفتار ڪريو ۽ هن جو نشان کسي منهنجي کٽڻ جو بندوبست ڪريو، هن چيو ته عوام ساٿ ڏنو ته دنيا جي ڪا به طاقت منهنجو رستو نٿي روڪي سگهي، عوام کي پ پ جي سمورن اميدوارن کي کٽرائڻو آهي، هي ڪهڙو شينهن آهي جيڪو پنهنجي مخالف جي ماڻهن کي گرفتار ڪرائي ٿو ۽ نشان کسرائي ٿو پوءِ جڏهن بندوبست ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو شينهن ٻاهر نڪري ٿو،هن چيو ته اڄ پهريون ڀيرو اهو شينهن نظر آيو، سڀاڻي مان واپس پنجاب وڃي رهيو آهيان جتي شينهن جو مقابلو ڪندس، سڀاڻي ڏکڻ پنجاب جي عوام کي پيغام پهچائيندس، جيالا ڄاڻين ٿا ته شينهن جو شڪار ڪيئن ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته جيڪو شخص ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻجي ناڪام ٿيو هجي ته ان کي ڪهڙي خوشي ۾ اسان چوٿون ڀيرو پنهنجو وزيراعظم مڃون؟ توهان بلاول کي هڪ موقعو ڏيو مان ملڪ جي قسمت بدلائي ڇڏيندس، شينهن يا ڪنهن ٻي پارٽي وٽ ڪو پلان يا منصوبو ناهي، هن چيو ته شينهن کي چوٿون ڀيرو حڪومت ملي ته ان کي خبر ناهي ته غربت جو مقابلو ڪيئن ڪرڻو آهي، هن اڃا تائين پنهنجو منشور ناهي ڏيکاريو، ڇو ته اهي عوام جي مشڪل، مهانگائي ۽ غربت جي خبر نٿا رکن،انهن کي رڳو پنهنجي ڪرسي جي ڳڻتي آهي، جيڪو چوٿون وارو ڏيڻ جي تياري ٿي رهي آهي اسان ان سازش کي ناڪام بڻائينداسين،هوڏانهن هڪ ٽي  وي انٽرويو ۾ بلاول چيو ته ميان صاحب تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو چوٿون ڀيرو لاڏلو بڻجڻ آيو آهي ۽ کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملڻ واري آهي، زميني حقيقتن ۽ نوازشريف جي اميدن ۾ فرق آهي،ن ليگ مخالف ووٽ حامي ووٽ کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته نوازشريف کي معيشت بهتر ڪرڻ جي طريقي جي خبر هئي ته 16 مهينا ڇو خاموش رهيو، ايترو اهم راز پنهنجي ڀاءُ سان به شيئر نه ڪيو، نوازشريف هرگز معاف ڪرڻ وارو ناهي بلڪه انتقام وٺندڙ شخص آهي، ميان صاحب جي تاريخ رهي آهي ته هو وقت تي حساب ۽ انتقام وٺندو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.