پاڪستان جا ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا، 9 ماڻهو مارجي ويا

راولپنڊي ( م ڊ )آپريشن مرگ بر سرمچار شروع، پاڪستان جو ايران کي جواب، سيستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر ايران جي علائقي سيستان ۾ ڪيل حملي تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 18 جنوري جي صبح پاڪستان، ايران ۾ حملا ڪيا ۽ انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ تازن حملن ۾ ملوث هئا، پاڪستان ڊرونز، راڪٽس ۽ ٻين هٿيارن سان ڪارروائيون ڪيون.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيستان ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو ۽ آپريشن جو نالو ” مرگ بر “ رکيو ويو آهي.آءِ ايس پي آءِ موجب، نشانو بڻايل ٿاڪ پاڪستان خلاف ڪارروائين ۾ ملوث دهشتگردن جي استعمال هيٺ هئا، پاڪ فوج دهشتگردن جي ڪارروائين خلاف پاڪستاني شهرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مستقل تيار آهي.آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جو عزم آهي پاڪستان جي علائقائي حدن جي خودمختياري کي هر صورت ۾ محفوط بڻائينداسين، عوام جي مدد سان پاڪستان سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجائي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهيون ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، دوست ملڪن سان ٻه طرفا معاملا طئي ڪرڻ چاهيون.

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪساني عوام ايراني عوام جي لاءِ تمام گهڻي عزت  ۽ محبت رکي ٿي، آپريشن سرمچار ايران تي ناهي ڪيو ويو پر ايران ۾ موجود بي ايل اي ۽ بي ايل ايف تي ڪيو ويو آهي.پرڏيهي وزارت ۾ بريفنگ ڏيندي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ايران پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ايراني عوام جي لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو آهي. اسان جي فوج انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ دهشتگرد مارجي ويا. پاڪستان ثبوتن سان دهشتگردن جي موجودگي تي ڊوزيئر شيئر ڪيا.ممتاز زهره بلوچ چيو ته انتهائي ڏکيو ۽ ڪامياب آپريشن پاڪستان جي هٿياربند فوج جو پيشوارانه مهارت جو چٽو ثبوت آهي. پاڪستان ۾ پنهنجو تحفظ پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو.هن چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي طور تي پاڪستان به گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي برقرار رکندو آهي. هن چيو ته پاڪستان سمورين ڌمڪين جي خلاف پنهنجو دفاع پاڻ ڪري سگهي ٿو. 2 ڏينهن اڳ جيڪو به ٿيو پاڪستان جي لاءِ حيران ڪن هو. سرمچار آپريشن انٽيليجنس بيسڊ آپريشن هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.