ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سڄاڻ عورتن، عورتن ۽ ٻارن جي حوالي سان قانونسازي ۾ بھتر صوبو قرار ڏيندي گھر ڪئي آھي ته قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ احتساب جو مڪينزم جوڙيو وڃي جيئن قانونسازي بعد انھي قانون تي عملدرآمد ٿي سگھي، ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ سيمينار ۾ ڳالهائيندي انساني حقن واري سنڌ جي ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو چيو ته چائلڊ ميريج ريسٽرين قانون اڳ ۾ 1929 ھو جيڪو اڃا تائين بلوچستان ۽ پنجاب ۾ لاڳو آھي جنهن ۾ ڇوڪري جي عمر 16 ۽ مرد 18 سال ھو ، سنڌ ۾ جيڪو قانون 2013 ۾ آيو ھو جنهن ۾ ٻنھي جي برابري واري عمر 18 سال آھي ھاڻي پوليس کي انھي قانون تحت ڪيس داخل ڪري ٿي سگھي، سنڌ ۾ جيڪي 90 جڊيشل مئجسٽريٽ نوان ڀرتي ٿيا، اسان ڪميشن جي پاران انھن کي 6 ڏينهن جي ٽريينگ ڏني ھئي ــ18 سالن کان گھٽ عمر جي شادي ڏوھ آھي پر انھي شادي جو نڪاح ٽٽي نٿو، ھندو ميريج ايڪٽ 2018 جي مطابق 18 سال کان گهٽ عمر جي شادي قانونن ڏوھ آھي ۽ اھا قابل قبول ئي ناھي دارلامان جو ڪو به فائونڊنگ لا ناھي، سماجي اڳواڻ اعظمي نوراني چيو ته چائلڊ ميريج سان چائلڊ ٽريفڪنگ وڌي ٿي ،سنڌ ۾ 18 ۽ ٻين صوبن ۾ 16 سالن جي شادي جي عمر آھي. انھي سان مسئلا وڌن ٿا، ھتي جيڪي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ لاءِ ھٿان کان ٻاھر ٻي صوبي ۾وڃن ٿا، 13 سالن جي ڇوڪري حاملا ٿي وئي ھئي، بئريسٽر ردا چيو ته پوري ملڪ ۾ سنڌ آھي جنهن 18 سالن کان گھٽ عمر جي شادي تي پابندي آھي، فيڊرل شريعت ڪورٽ به انھي تي فيصلو ڏنو آھي ته ھي اسلام جي خلاف قانون ناھي انھي سان سٺا نتيجا نڪرندا، انيس ھارون چيو ته ھتي ته ادارن جي خبر ئي نٿي پوي، عورتن واري جيڪا ڪميشن آھي انھي جو ھن وقت وجود آھي يا ناھي ان جي به خبر ناھي، سيپٽمبر کان پگھارون بند آھن، سيف ھائوسز سميت ڪيترائي ادارا رڳو ڪاغذن ۾ آھن عملي طور موجود ناھن.