اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو ته آهي ته اسان کي ڇڪتاڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ايران سان لاڳاپا اڃان وڌيڪ خراب نه ٿين، هڪ انٽريو ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ بلوچ آزادي پسند تحريڪون هلي رهيون آهن. خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۽ ايران کي ان تحريڪن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي.