گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڊي ايس پي کي شوڪاز نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦليوٽوجي سربراهي ۾ به رڪني بئنچ شهر جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي آزادي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، عدالت پاران پيش نه ٿيڻ تي ڊي ايس پي آرام باغ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، عدالت 2015 کان گم ٿيل سياسي ڪارڪن فهيم عرف انڊا جي ڳولا جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جي آءِ ٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿيا پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، ايس ايس پي انويسٽيگيشن چيو ته جي آءِ ٽي ان کي جبري گمشدگي جو ڪيس قرار ڏيندي خاندان کي معاوضو ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي، گم ٿيڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، مسمات عشرت النساءَ جي پٽ مسعود علي جو ڪو به پتو ناهي پيو، جي آءِ ٽي جا 22 اجلاس ٿي چڪا آهن، اجلاس 30 جنوري تي پڻ ٿيڻ وارو آهي، عدالت چيو ته پي ٽي ايف ۾ به معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل شمشاد جي ڳولا لاءِ سمورن ادارن کي خط موڪليا ويا آهن، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ۾ چيو ته هي سڀ فارملٽيز آهن، عدالت عملي قدم چاهي ٿي، جاچ آفيسر چيو ته مسمات خانزادي جي پٽ کي ڳولڻ لاءِ عدالتي حڪم تي عمل ڪيو پيو وڃي، ايس ايڇ اوڪلفٽن چيو ته گم ٿيل عورت ديبا جي رسول بخش نالي شخص سان شادي ٿي آهي. نڪاح جي سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي پيش ڪرڻ تي عدالت ديبا شاهه جي آزادي واري درخواست اڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.