حيدرآباد ۾ پمپ مالڪ جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري پيٽرول پمپ مالڪ راحيل ميمڻ کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار راشد ملاح مبينا پوليس مقابلي ۾ لڳڻ مارجي ويو، پوليس جو  چوڻ آهي ته جوابدار پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي، گذريل ڏينهن واري واقعي کانپوءِ قاتل راشد ملاح کي ڳولي رھيا ھئاسين ان دوران ھو پوليس پارٽي سامھون اچي ويو ۽ گرفتاري جي خوف کان ھن پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي، پوليس موجب حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن ميمڻ اسپتال ويجھو وچ روڊ تي فائرنگ ڪري ڪار سوار پيٽرول پمپ مالڪ راحيل ميمڻ کي قتل ڪندڙ جوابدار راشد ملاح ھٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي دوران پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي، جنھن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان رات جو پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ترجمان موجب پيٽرول پمپ مالڪ راحيل ميمڻ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويل جوابدار راشد ملاح جي گرفتاري لاءِ پوليس مسلسل ڇاپا پئي ھنيا، ان دوران رات ڦليلي پوليس کي جوابدار جي موجودگي بابت ھڪ ڳجھو اطلاع مليو پوليس اتي پھتي ته جوابدار پوليس کي ڏسي موٽرسائيڪل تي فرار ٿيو، پوليس به سندس پيڇو ڪيو ان دوران جوابدار ھٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ وڃي لڪيو جتي پوليس ڪڙو چاڙھيو ۽ پوءِ پوليس ۽ جوابدار وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ ٿي، فائرنگ دوران جوابدار پنھنجي ئي پسٽل سان پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي، واقعي بعد راشد ملاح کي کڻي اسپتال پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن چيو ته ھو فوت ٿي چڪو آھي، ترجمان موجب بعد ۾ راشد ملاح جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو. ياد رھي ته پيٽرول پمپ جي ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙي  جي فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ راشد ملاح ۽ پيٽرول پمپ مالڪ راحيل ميمڻ وچ ۾ تڪرار شروع ٿيو ھو، ان تڪرار جي هلڻ دوران راحيل ميمڻ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو جنھن جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ ھٿ آيا هئا جڏهن ته قتل ۾ راشد ملاح کي نامزد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.