پاڪستاني حملي ۾ چار ٻار، ٽي عورتون ۽ ٻه مرد مارجي ويا: ايراني گهرو وزير

تهران (م ڊ ) ايران جي گهرو وزير احمد وحيدي چيو آهي ته ايران جي شهر سروان تي پاڪستاني ميزائل حملي ۾ چار ٻار، ٽي عورتون ۽ ٻه مرد مارجي ويا. ان کان اڳ سيستان ۽ بلوچستان حڪومت جي ڊپٽي هيڊ آف سيڪيورٽي علي رضا مرحمتي ٽن عورتن ۽ چئن ٻارن جي مارجڻ جي  خبر ڏني هئي. پاڪستاني فوج تصديق ڪئي آهي ته هن ايران ۾ بلوچ ويڙهاڪن جي مضبوط مرڪز تي هوائي حملو ڪيو آهي. اهو حملو پاڪستاني سرزمين تي سني وڙهاڪ گروپ تي ايراني حملي جي ٻن ڏينهن بعد ٿيو آهي جنهن ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي.

سال 2024 دوران سنڌ جي پنج ضلعن جا سيشن جج رٽائر ٿي ويندا

ڪراچي(رپورٽر)سال 2024 دوران سنڌ جي پنج ضلعن جا سيشن جج رٽائر ٿي ويندا، رٽائرڊ ٿيندڙ ججن ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير ڪراچي عبدالرزاق 10 آگسٽ 2024 تي رٽائر ٿي ويندو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ ڪراچي جاويد احمد ڪيريو 22 سيپٽمبر 2024 تي رٽائر ٿيندو  جوڊيشل اڪيڊمي جو ميمبر ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج محمد شاهد شفيق 7 آڪٽوبر 2024ع تي رٽائر ٿيندو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جيڪب آباد عبدالغفور ڪلهوڙو 7 آڪٽوبر تي رٽائر ٿيندو. اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اينٽي اسمگلنگ ڪورٽ ڪراچي محمد سعد قريشي 24 ڊسمبر 2024 تي رٽائر ٿيندو.

سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير احمد علي استعفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير احمد علي عدالتي فرض نڀائيندي ٿڪجي پيو، 18 گريڊ جي جج احمد علي پنهنجي منصب تان استعفي ڏئي ڇڏي، قانون واري کاتي جج جي استعفيٰ بابت سمري جوڙي نگران وڏي وزير کي  اماڻي ڇڏي جتان منظوري بعد کيس ذميوارين کان باضابطه طور آجو ڪيو ويندو، جج احمد علي 7 سالن کان پنهنجيون ذميواريون ادا ڪري رهيو هو، هن پنهنجي ذاتي ذميوارين جو سب ڄاڻائي پنهنجي جج واري عهدي  تان استعفيٰ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي 16 آڪٽوبر 2023 تي اماڻي هئي، قانون واري کاتي ٽن مھينن کانپوءِ سندس سمري 16 جنوري تي تيار ڪري سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي منظوري لاءِ اماڻي ڇڏي.

ابراهيم پنهور ڳوٺ ۾ ڇهن پلاٽن تي قبضو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ قائم ابراهيم پنهور ڳوٺ ۾ ڇهن پلاٽن تي قبضي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت ۾ ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي ڊي ايس پي ڪورنگي ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، عدالت  ڇهن پلاٽن کي 23 فيبروري تي خالي ڪرائي اڳڀرائي واري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي ۽ ايس ايس پي ڪورنگي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو، عدالت رينجرس ۽ ايس ايس ڪورنگي کي حڪم ڏيندي چيو ته ليڊيز اهڪارن سوڌو نفري وٺي پلاٽ خالي ڪرايا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.