ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بلن ۾ ظالماڻي واڌ خلاف جماعت اسلامي پاران سوئي سدرن گيس ڪمپني هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.ڌرڻي ۾ مزدورن ۽ گئس جي ستايل ماڻهن توڙي عورتن وڏي انگ شرڪت ڪئي. مظاهرين گيس انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، مظاهري ۾ انٽر بورڊ جا متاثر شاگرد به شريڪ آهن.ڪراچي ڌجي علائقي لائينز ايريا مان عورتن جو جلوس ڌرڻي ۾ پهتو، اورنگي ٽائون ۽ نيو ڪراچي مان به عورتن جو وڏو انگ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيو.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عورتن جو چوڻ هو ته سوئي گيس جا ايم ڊي ۽ آفيسر هڪ ڏينهن ڪاٺين تي ماني پچائيندا ته کين خبر پئجي ويندي، مظاهرين موجب ننڍڙا ٻار بکيا اسڪول وڃن ٿا، ڳرا بل ڀريندا آهيون جنهن باوجود گيس جي فراهمي ناهي.