چڪ (رپورٽ:نواب الدين مھر) چڪ شهر ۾ چونڊ مهم دوران مبينا جي يو آءِ جي ريلي ۾ هوائي فائرنگ دوران گهمڻ آيل مهمان زخمي ٿي پيو،چونڊ ورڪ دوران مبينا هوائي فائرنگ دوران مائٽن ڏانھن گھمڻ آيل سکر واسي نوجوان محمد رمضان سيٺار کي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، زخمي محمد رمضان سيٺار کي چڪ پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو، محمد رمضان سيٺار جو چوڻ آهي ته چونڊ ورڪ دوران نڪتل ريلي ۾ هوائي فائرنگ سبب گولي لڳي، جي يو آءِ ترجمان رفيق احمد شر واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪئي ڪندي چيو ته اسان جي چونڊ ورڪ ۾ فائرنگ ناهي ڪئي وئي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس پڻ داخل نه ٿي سگهيو هو.