وفاقي اردو يوني ورسٽي جي وقتي رجسٽرار تي عورت استادن کي هراسان ڪرڻ جو الزام

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جي وقتي رجسٽرار محمد صديق خلاف پروفيسرن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن ڪراچي  پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي تعليم جي وفاقي وزير ۽ حڪومت کان  هن خلاف قدم کڻڻ جي گھر ڪئي، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عظيمه نوراني، ڊاڪٽر اصغر دشتي، نزھت شيرين، زھرا خان، سارھ خان، ڊاڪٽر فرحال شفيق ۽ ٻين صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، وفاقي وزير تعليم مدد علي سنڌي کان مطالبو ڪيو تھ وقتي رجسٽرار محمد صديق عورت استادن سميت ٻئي اسٽاف کي هراسان ڪرڻ سميت مرد استادن سان غير اخلافي رويو رکي ٿو ۽ جڙتو مختلف الزامن تحت غير قانوني طور تي سزائون ڏئي ٿو. ھنن چيوتھ اسسٽنٽ پروفيسر محمد صديق کي موجوده  وفاقي وزير تعليم پاران غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي کيس وقتي رجسٽرار مقرر ڪرائي يونيورسٽي جي سمورن پروفيسرن سان ناانصافي ڪئي آھي. ھنن مطالبو ڪيو تھ وقتي رجسٽرار محمد صديق کي برطرف ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.