شاگردياڻي جا الزام، ايس ايم آءِ يونيورسٽي جي وي سي پاران ڪميٽي قائم

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جي ايم ايس جي شاگردياڻي اقرا شاهاڻي جي سرڪيوليٽ ٿيندڙ  وڊيو، جنهن ۾ هن الزام لڳايو آهي ته کيس ڊپارٽمينٽ جي فيڪلٽي ميمبرن، ڊاڪٽر رياض احمد مڱريو (چيئرمين انگلش ڊپارٽمينٽ) وفا منصور ٻرڙو، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ هتيش ڪمار، ذاتي رنجش ۽ تعصب جي بنياد تي کيس امتحان ۾ نه ويهڻ ڏنو آهي. اهڙي الزام کانپوءِ ڄاڻايل فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردياڻي جي هڪٻئي خلاف شڪايتن جي بنياد تي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ هڪ پنج رُڪني جاچ ڪميٽي آهي، جنهن جو ڪنوينر ڊين فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنيس ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪامرس ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو هوندو، جڏهن ته ميمبرن ۾ سوشل ايند ڊويلپمينٽ اسٽڊيز جو چيئرپرسن ڊاڪٽر سڀاش، ايڇ آر ايم جو ڊائريڪٽر شڪيل احمد ابڙو، شعبي آرٽيفيشل انٽيليجنس اينڊ مئٿميٽيڪل سائنسز جو اسسٽنٽ پروفيسر سيد عظيم انعام ۽ بزنيس ايڊمنسٽريشن شعبي جي ليڪچرار سحر چنا هوندا. ڄاڻايل ڪميٽي وڊيو ۾ شاگردياڻي جي هنيل الزامن ۽ لکت ۾ ڪيل شڪايت جو جائزو وٺندي، ان سان گڏ ڪميٽي فيڪلٽي ميمبرن پاران شاگردياڻيءَ ۽ سندس وڊيو بابت لکت ۾ ڪيل شڪايت جو جائزو وٺندي، ان بعد جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ ڏهن ڏينهن جي اندر وائس چانسلر جي آفيس ۾ جمع ڪرائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.