اڳوڻي جج جسٽس شوڪت صديقي جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل ٻڌڻي  لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 5 رڪني لارجر بينچ ڪندي. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي اپيل تي 23 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي. لارجر بينچ ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.