پاڪستان جي حملي کانپوءِ ايران ٿڌو ٿي ويو، تازو بيان جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزارت پاڪستان جي ڊرون حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ چيو آهي ته دشمن کي پاڪستان سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ڏينداسين.

پنهنجي بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسان پاڪستان جي ناقابلِ قبول ڊرون حملي جي مذمت ڪيون ٿا جنهن ۾ پرڏيهي ڳوٺاڻا مارجي ويا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا چاهي ۽ دشمن کي تهران ۽ اسلام آباد وچ ۾ لاڳاپا خراب جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندو.

پرڏيهي وزارت موجب هو ملڪي سلامتي ۽ شهرين جي تحفظ کي ريڊ لائين سمجهن ٿا ۽ اميد ڪن ٿا ته پاڪستان جي سرڪار پنهنجي ڌرتي کي دهشتگردن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.

ايران چيو آهي ته 16 جنوري تي بارڊر ٽاسڪ فورسز سستان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد گروپ کي نشانو بڻايو جيڪي ايران ۾ حملو ڪرڻ وارا هئا ۽ اهڙو حملو دهشتگردن پاران راسڪ ۾ به ڪيو ويو هو.

بيان موجب سندن ڪارروائي انهن دهشتگردن جي ٿاڪن خلاف ڪئي وئي جيڪي رهائشي علائقن کان ڪلوميٽرن تائين پري آهن ۽ بارڊر فورسز جو اهو فرض آهي ته ڪنهن به خطري کي منهن ڏين ۽ شهرين جي حفاظت يقيني بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.