بلاول ٻڌي ڇڏي ته ڪراچي جو فيصلو سنڌ جا جاگيردار نه ڪندا: حافظ نعيم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بلاول ٻڌي ڇڏي ڪراچي جو فيصلو سنڌ جا جاگيردار نه ڪندا.
گئس کوٽ خلاف احتجاج کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آئين موجب گئس جو پهريون حق ان صوبي جو آهي، جتان پيداوار ٿيندي آهي، سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو ۽ هتي گئس نٿي ملي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو پگهاردار طبقي سڄي پنجاب جي برابر ٽيڪس ڏنو، سڄي ملڪ جي جاگيردارن رڳو 4 اربن جو ٽيڪس ڏنو، اهي سڀ جاگيردار توهان کي پ پ ۽ ن ليگ ۾ ملندا.
سندس چوڻ هو ته اربين رپيا ٽيڪس باوجود ڪراچي گئس، پاڻي ۽ بجلي کان محروم آهي، انڊسٽرين تي ٽيڪس لڳايو ويندو آهي پر جاگيردارن تي ٽيڪس ناهي لڳايو ويندو، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عوام تي ٽيڪس لڳايو ويندو آهي، آءِ ايم ايف ۽ جاگيردار گڏجي عوام جي قسمت جو فيصلو ڪندا آهن، پ پ ۽ ن ليگ ڪٿي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.