ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن پاران قديم مارٽن ڪوارٽرن جي نئين سر تعمير بابت عملدرآمد جو منصوبي تي گڏيل ياداشتنامي تي صحي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ حڪومت جي شهري تعميراتي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ اولڊ مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرن جي خالي پلاٽن تي وڏيون عمارتون تعمير ڪرڻ جي حوالي سان هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزارت سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران گڏيل ياداشتنامي تي صحي ڪرڻ جوفيصلو ڪيو ويو، وڏي وزير جي هدايت تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، ڊي جي پي اينڊ ڊي اسد ضامن ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، گران وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته هن شهري بحالي/ نئين سِر تعمير واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت مارٽن، ڪليٽن، جهانگير ڪوارٽرن ۽ پاڪستان ڪوارٽرن جي خالي پلاٽن تي وڏا پلازه ٺاهيا ويندا جيڪي زبون حالت ۾ آهن، هي پراڻا ڪوارٽر 240 ايڪڙ ايراضي تي ضلعي اوڀر ۽ ضلعي سينٽرل اندر قائم ڪيا ويا آهن. 1959ع ۾ راڄڌاني جي منتقلي کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران ڪوارٽرن جي سار سنڀال نه ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ وفاقي ملازمن سرڪاري رهائشگاهون خالي نه ڪيون ۽ سندن ٻارن ۽ ٻين ڪجهه ماڻهن گهرن جي چوڌاري کليل جاين تي پڻ قبضا پڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو ايم او يو جو مسودو تيار ڪري ان کي وفاقي حڪومت سان شيئر ڪري ته جيئن ايندڙ ٻن هفتن ۾ ان تي صحيحون ٿي سگهن.