بيجنگ(م ڊ) پاڪستان ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ، چين جو رد عمل اچي ويو آهي، بيجنگ پاڪستان ۽ ايران کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيندڙ ڪو به قدم نه کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهيچين جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ ايران کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.