چئنلن کي ٻه ارب نه 15 ڪروڙن جا اشتهار ڏنا آهن: محمد احمد شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) اطلاعات، اقليتي معاملن، سماجي تحفظ واري نگران صوبائي وزير ۽ صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه ڪالهه  گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ نامياري دانشور ۽ ادبي شخصيت مرزا عابد عباس جي نالي سان لائبريريءَ جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ مرزا عابد عباس جي چئن پٽن نامياري صحافي اظهر عباس، مظهر عباس، ظفر عباس ۽ ميجر جنرل رٽائرڊ اطهر عباس کانسواءِ عقيل عباس جعفري سميت ادبي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مرزا عابد عباس کي شهرت جو رتي برابر شوق نه هو. هن مشاعرن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. مون وڏي مشڪل سان کين مشاعرن ۾ شرڪت لاءِ قائل ڪيو. مرزا عابد عباس جي نالي سان هن شهر ۾ هڪ اهم روڊ هجڻ گهرجي. هن چيو ته  سڄو سماج پريشانيءَ جو شڪار آهي. پئسو عزتدار هجڻ يا نه هجڻ جو ذريعو بڻجي ويو آهي. هن سماج ۾ علمي ۽ ادبي شخصيتون هاڻي مايوس ٿي ڪنڊن ۾ ويٺيون آهن. محمد احمد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن چيو ته قومون تعليمي ادارن سان ٺهنديون آهن. اسان تعليم جي شعبي کي اها اهميت نه ڏني آهي جيڪا هڪ مهذب سماج کي ڏيڻ گهرجي. هاڻي ڪاليج جي چوڌاري حالتون تباھه برباد آهن. حيدرآباد ڪنهن زماني ۾ تعليم، ادب ۽ روشنين جو شهر هو. هن شهر کي چند ماڻهن برباد ڪيو. هن چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هن شهر کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران ڪراچي سٽي اسڪول حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن وارو پاڪستان لٽريچر فيسٽيول منعقد ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته چونڊ نشان ڏيڻ يا نه ڏيڻ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي. نگران وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ اليڪشن جي مڪمل تياري ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت کي اڃا تائين اليڪشن بابت هڪ به شڪايت نه ملي آهي. جيڪڏهن اليڪشن دوران صورتحال خراب ٿي ته فوج پٺتي تيار هوندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ توهان جي چئنلز تي ٻه ارب جا اشتهار ڏٺا آهن ته ٻڌايو، مون 15 ڪروڙ رپين جا اشتهار جاري ڪيا آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا هڪ شتر بي مهار آهي. ميڊيا ۾ ڪجهه بليڪ ميلر به آهن. سندن دڪان بند آهن ان ڪري هو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. نامياري صحافي مظهر عباس چيو ته هن ملڪ کي اسٽيٽ بڻائڻو هو پر اسان ان کي ريئل اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو. جتي تعليمي ادارا وڌڻ گهرجن ها، اهي سُڪڙجي ويا آهن. ميجر جنرل (ر) اطهر عباس ڳالهائيندي چيو ته اسان جو والد صاحب تعليم جي ميدان ۾ هڪ مڪمل شاهڪار هو. گهر جا معاملا ماءُ جي حوالي ڪيو ويو، تقريب دوران نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر جو وڊيو خطاب پڻ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته مرزا عابد عباس هڪ بهترين انسان هو، مرزا عابد عباس لساني اختلافن کي ختم ڪري هتي رهندڙ سڀني قوميتن کي پنکڙين وانگر متحد ڪري ثقافت جو هڪ خوبصورت گل جوڙيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.