جيڪب آباد ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي

تحرير: ذوالفقار راڄپر

جيڪب آباد سنڌ جو اهو قديم شهر آهي، جنهن تي جڏهن جان جيڪب جي اتان گذرندي نظر پئي ته هو اڳتي وڌي وري واپس ان خان ڳڙھ ڳوٺڙي ۾ پهتو، جيڪب آباد جڏهن ” خان ڳڙھ” ڳوٺ مان ڦري شهر جي شڪل اختيار ڪئي، جتي هندو آبادي جو واپار هوندو هو، جڏھن جان جيڪب بلوچستان مان ڦرين، ڌاڙن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪجهه آباديءَ کي لڏائي هن شهر ۽ ان جي آسپاس آباد ڪيو ته هن علائقي ۾ بلوچستان جي پسمانده رسمن رواجن پنهنجو اثر رسوخ ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ جيڪا پسمانده آبادي آباد ٿي، ان ڪارو ڪاري ۽ ٻين سماج ۽ عورت دشمن عملن جي آبپاري ڪئي، جنهن نه فقط جيڪب آباد جي ثقافت کي متاثر ڪيو پر ان جا اثر هتان جي موجود مهذب آبادي تي به ايترا اثر ڇڏيا جو اتان جا مهر، پنهور وغيره به جرڳائي ۽ عورتن جا دشمن بڻجي چڪا آهن.

جيڪب آباد جو هڪ وچ وارو دور گذري ويو، پر هاڻوڪي پسمانده دور جي وڌيڪ تازگي جنرل ضيا ۽ سياست ۾ فوجي مداخلت ۽ انهن جي ايجنسين طرفان سول انتظاميه جي مڪمل خاتمي بعد جيڪب آباد کان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ تائين سردارن، جاگيردارن، قبائلي دهشتگردن، ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن کي پالڻ ۽ تربيت ڏيڻ جو وڌيڪ پائيدار ڪم جنرل مشرف جي دور ۾ شروع ٿيو، جيڪو اڃان تائين وڌيڪ مضبوطي سان تعمير ٿي رهيو آهي، اهوئي انهن ئي ادارن جو ڪمال آهي ته جن ڏوهارين سڌام چاولا کي شهيد ڪيو ۽ هندو پئنچائت تي قبضو ڪري ان کي تباهه ڪيو، هندو نياڻين کي زبردستي مسلمان ڪري، آزاديءَ سان بغير ڪنهن پوليس يا ٻي انتظاميه جي رڪاوٽ جي ڏوھ ڪري سوين هندو خاندانن کي پنهنجو شهر ۽ وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ، اهي ئي اسيمبلين جا ميمبر ۽ وزير بڻجي ويا آهن .

آمريڪي ڊالرن ۽ سامراج جي چوڻ تي سعودي ريالن جي برسات جي ڪري اسلام جي حقيقي روح ۽ فڪر کي نقصان پهچائڻ لاءِ جنهن انتها پسندي جو بنياد وجهڻ لاءِ مدرسن جو بنياد وجهرايو، ان به جيڪب آباد ۽ شڪارپور سميت ٻين علائقن کي نقصان پهچايو. هن وقت جيڪب آباد ڪنٽونمينٽ شهر بڻجي چڪو آهي، جتي سول انتظاميه ۽ سول حڪومت جو ڄڻ ته ڪوبه وجود نه آهي.

بهرحال ڳالھه  ڪهڙي به هجي، پر خاص طور تي جنرل مشرف جي حڪومت کانپوءِ جتي جيڪب آباد ۽ ان جي آسپاس ننڍڙين نينگرين کي سڱ چٽي ۽ عورتن کي ڪاري قرار ڏين جا جرڳائي فيصلن جي بازار کولي وئي، اتي هڪ ٻيو وڏو نقصان عام طور تي سنڌ جي ٻين شهرن وانگر تعليم جي نظام ۽ درسگاهن کي ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ لاءِ خاص طور جيڪب آباد ۾ جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اهو هي به آهي ته جيڪي به وفاقي ادارن جا ماڻهو هتي اچي ڪجهه سالن لاءِ حاڪم ٿي ويهن ٿا، انهن جي ٻارن جون جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي تعليمي ادارن ۾ ڪوڙين داخلائون ڪرائي ۽ کين بورڊ مان سٺن نمبرن تي پاس ڪرائي انهن جا ڊوميسائيل به هتان ٺهرايا وڃن ٿا ۽ پنجاب، بلوچستان جي ٻارن جا امتحان هتي ٻيا ڏين ٿا. ان ڪري جيڪب آباد ۾ تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪوڙن، ڪرپٽ استادن جي ڀرتي ، نقلي استادن جون تنظيمون ٺهرائي انهن هٿان ايماندار استادن، هيڊ ماستر ن، ڪلارڪن ۽ تعليمي آفيسرن کي يرغمال بڻايو پيو وڃي. جيڪي انهن جي ڪرپشن خلاف آواز اٿارن ٿا، انهن کي رياستي ادارن ۽ ايجنسين جي نالي ۾ ڌمڪائي انهن مٿان قاتلاڻا حملا ڪيا وڃن ٿا، جن کي حد جي سردارن، اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن ۽ ڪن انتظامي آفيسرن جي به حمايت حاصل آهي، ورنه هو سرڪاري ملازم جي حيشت ۾ غنڊا گردي ۽ دهشتگردي ڪري سگهن ٿا.

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تعليم کاتي جي آفيسر هڪ ايماندار ٻي تعليمي آفيسر کي ڌمڪيون ڏئي ھن مٿان سر عام قاتلانه حملو ڪري کيس چيو ته هن جو فلاڻي رياستي ايجنسي سان واسطو  آهي، ۽ هن جو ڪوبه ڪجهه بگاڙي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن هو سچ چئي ٿو ته پوءِ  ان اداري کي ڏوهارين جي پٺڀرائي نه ڪرڻ گهرجي، جي هن غلط ڳالھه  ڪئي آهي ته خود اهو ادارو به هن خلاف ڪارروائي ڪري، ورنه ان جي بدنامي به ڪا سٺي ڳالهه نه آهي، کين ايران جي ساواڪ مان سبق سکڻ گهرجي. تعليمي کاتي جي حملا آور آفيسر  جا جيڪي ضلعي انتظاميا ۾ ويجھا مائٽ ويٺا آهن، اهي به هن جي پٺڀرائي ڪرڻ بدران تعليم دوستي جو ثبوت ڏين ۽ حق انصاف کان ڪم ورتو وڃي ۽ پوليس انتظاميه به هن مسئلي تي ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچڻ بدران قانون جو رستو اختيار ڪري.

تازو خبر پئي آهي ته سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ خبرون اچڻ بعد جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان تعليم کاتي جي آفيسر خلاف غنڊا گردي ڪندڙ خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن تعليم کاتي ۾ اهڙن ڏوهارين خلاف ضلعي انتظاميا ڪوبه قدم نه ٿي کڻي ته پوءِ  متاثر ڌر سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي نگران وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس کي واٽس اپ ۽ درخواستون موڪليندي ته انصاف جا در کلي ويندا ۽ جيڪي استادن جون حق پرست تنظيمون آهن، اهي به احتجاج ڪن ۽ تعليم کاتي مان ڏوهارين، بليڪ ميل ڪندڙن ۽ ٻوڏ متاثرن جو سامان کائيندڙن خلاف پنهنجو آواز بلند ڪن، جيئن جيڪب آباد مان تعليم جو نظام خراب ڪندڙن جو صفايو ٿي سگهي ۽ جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ بي ضلعي انتظاميه طرفان تعليمي ادارن ۾ ويٺل سر عام حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ اهو ثابت ڪيو وڃي ته جيڪب آباد شهر ۽ ضلعي ۾ سول سرڪاري انتظاميا موجود آهي ۽ انهن جي ئي حڪومت آهي ۽ هتي ٻئي ڪنهن به اداري جي حڪومت نه آهي، ورنه اهو سوال هر هر اٿاريو ويندو ته آخر جيڪب آباد ۾ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٻيا ڏوهاري ايترو آزاد ڇو آهن ۽ جيڪب آباد ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي, ڇا اتي ڏوهارين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن جي حڪومت آهي.

عام طور تي سنڌ جي ٻين شهرن وانگر تعليم جي نظام ۽ درسگاهن کي ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ لاءِ خاص طور جيڪب آباد ۾ جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اهو هي به آهي ته جيڪي به وفاقي ادارن جا ماڻهو هتي اچي ڪجهه سالن لاءِ حاڪم ٿي ويهن ٿا، انهن جي ٻارن جون جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي تعليمي ادارن ۾ ڪوڙين داخلائون ڪرائي ۽ کين بورڊ مان سٺن نمبرن تي پاس ڪرائي انهن جا ڊوميسائيل به هتان ٺهرايا وڃن ٿا ۽ پنجاب، بلوچستان جي ٻارن جا امتحان هتي ٻيا ڏين ٿا. ان ڪري جيڪب آباد ۾ تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪوڙن، ڪرپٽ استادن جي ڀرتي ، نقلي استادن جون تنظيمون ٺهرائي انهن هٿان ايماندار استادن، هيڊ ماستر ن، ڪلارڪن ۽ تعليمي آفيسرن کي يرغمال بڻايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.