ڏهرڪي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ زميندار پنهنجي هاري ۽ ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڏهرڪي (رپورٽ: منصور پيرزادو/ اجيت ڪمار) ڏهرڪي ويجھو  کينجھو ٿاڻي جي حد ۾  مبينا ڪارنھن الزام هيٺ ٻه انساني جانيون ڳڙڪائجي ويون، جوابدار فرار ٿي ويو، کينجھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد شر ۾ جوابدار غلام محمد شر نوجوان ڀائيٽي  مھناز شر ۽ پنھنجي ئي ھاري نوجوان سڌير چڍڙ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو. ھوڏانھن ٻه قتل ٿيڻ جو اطلاع ملڻ  شرط  کينجھو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڏھرڪي اسپتال پھچايا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، رابطو ڪرڻ تي کينجھو پوليس ٻڌايو ته ٻنھي مقتولن کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو. پوليس کي شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آھي ته واقعو ڪارنھن جي الزام ھيٺ پيش آيو آھي، نوجوان جو لاش گھر ٻاھران  زمين مان مليو آھي جڏھن ته مقتولا مھناز جو لاش گھر اندران مليو، کينجھو پوليس موجب نوجوان سڌير چڍڙ غلام محمد شر جو ھاري ھو جنھن کي پھرين قتل ڪيو ويو بعد ۾ عورت کي قتل ڪري مامري کي ڪارنھن جو رنگ ڏنو ويو آھي، واقعي جو ڪو به فريادي ظاھر نه ٿيڻ ڪري ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو. ايس ايڇ او کينجھو جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن واقعي جو ڪو فريادي ظاھر  نه ٿيو ته سرڪار پاران ٻنھي قتلن جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.