اوڏيرولال (ن ع آ) اڳوڻي آءِ جي سنڌ سيد مشتاق احمد شاھ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي نه پر اين اي 216 نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير احمد ميمڻ ۽ پي ايس 57 تي جي ڊي اي جي اميدوار سيد جلال شاهه ڄاموٽ کي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙو اعلان هن پنهنجن ويجهن ساٿين ۽ علائقي جي رهواسين جي گڏجاڻي کانپوءِ ڪيو، سيد مشتاق احمد شاهه پيپلز پارٽي مخالفن جي حمايت جو اعلان ڪندي پنهنجي همدردن کي 8 فيبروري تي بشير احمد ميمڻ ۽ سيد جلال شاھ ڄاموٽ کي ووٽ ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون، مشتاق شاهه ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏهن سالن ۾ مون کي هڪ پٽيوالي جي نوڪري به نه ڏني وئي آهي جو آئون کڻي ڪنهن غريب کي ڏيان، اسان وٽ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا آهن، اسان دانهون ڪندا رهياسين، پر اسان جي ڪنهن هڪ به نه ٻڌي، ترقياتي ڪم صرف من پسند ماڻهن جا ڪرايا ويا هئا. هن چيو ته مون ڪيترا ڀيرا مخدوم رفيق کي چوندو رهيس پر اسان کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو، ايترو وڏو ڳوٺ آهي هتي هڪ فوٽ جو به ڪم نه ٿيو، اسان چئي چئي چپ ڪري ويهي رهياسين.