بابر اياز کي الوداعي ڀيٽا

تحرير: زرار پيرزادو

¨ هن دنيا ۽ انساني سماج کي اصل ۾ سوشلسٽ، روشن خيال، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ جي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي.

¨ بابر اياز به اهڙين شخصيتن مان هڪ هو جيڪو ٽيون ڏينهن 16 جنوري تي ڊگهي بيماري (جنهن ڪيترن سالن کان کيس بستري تائين محدود ڪري ڇڏيو هو) کانپوءِ جسماني طور وڇڙي ويو آهي.

¨ بابر اياز، کاٻي ڌر سان سلهاڙيل سينئر صحافي، ڪالم نگار، دانشور، محقق ۽ عوام دوست ليکاري هو. جنهن سڄي ڄمار سماج جي تبديلي واري مقصد تحت لکيو.

¨ سندس  سياسي تجزيا حقيقت پسنداڻا ۽ عوام جي سياسي شعور وڌائڻ جا سبب هوندا  هيا.هو آمريتي نظام جو سخت مخالف ۽ جمهوري سرشتي جو قائل هو.

¨ بابر اياز ان حساب سان هڪ نظرياتي ۽ بهادر صحافي هو جنهن هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ۽ ظالم طاقتن سان هر دور ۾ مهاڏو اٽڪايو.

¨ بابر اياز هڪ ئي وقت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ خاص ڪري روزاني عوامي آواز ۾ وڏي وقت کان ڪالم لکندو رهيو. آخر ۾ هڪ ميڊيائي اداري جو چيئرمين به رهيو.

¨ عوامي آواز ڏانهن هو اردو ۾ لکيل ڪالم موڪليندو هو جيڪي ترجمو ڪري هلايا ويندا هيا. هو سنڌي ۾ لکي نه سگهندو هو  باقي ننڍپڻ ۾ سکر ۾ رهڻ ۽ سنڌي جا پنج درجا پڙهڻ ڪري هو چڱي نموني سنڌي اخبارون ۽ ڪتاب پڙهي سگهندو هو.

¨ بابر اياز جيئن ته ليکڪ هو، صحافي هو تنهن تمام گهڻو لکيو. ڪيترن ٽي وي چينلن سان سلهاڙيل رهيو، پروگرام ۽ دستاويزي ڪم ڪيا. سڄي ڄمار متحرڪ رهندڙ هن شخص جو بيماري وگهي بستري ڀيڙو ٿيڻ هڪ المياتي داستان آهي.

¨ بابر اياز جو مشهور ڪتاب What’s wrong with Pakistan هو جنهن جو اردو ۽ سنڌي ۾ به ترجمو ٿيو. اها منهنجي خوشنصيبي چئجي جو مونکي سندس اردو وارو اهو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو موقعو مليو جڏهن ته ان جو اردو ترجمو خالد سعيد ڪيو هو.

¨ اهو ڪتاب ايئن چئجي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ جو ليفٽسٽ نقطئه نظر هو جنهن جي اهميت ۽ ضرورت هر دور ۾ رهندي. جيڪو به ماڻهو ملڪ جي تاريخ تي ڪڏهن لکندو سو هن ڪتاب کي نظرانداز نه ڪري سگهندو. هي ڪتاب هميشه ريفرنس طور ڪتب ايندو رهندو. خاص ڪري نئين نسل کي ملڪ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ هي ڪتاب لازمي طور پڙهڻو پوندو.

¨ بابر اياز حقيقي معنيٰ ۾ هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن جي فڪر انگيز تحريرن ۽ ڪتابن تي پڻ تحقيقي ڪم ڪرائڻ گهرجن، سندن اڻ ڇپيل تحريرن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سندس سياسي فڪر ۽ تجزين جي خاص ڪري اسان جي ملڪ جي عوام کي سخت ضرورت آهي.

¨ بابر اياز جهڙين شخصيتن مان سندن زندگي ۾ اسان ڪيترو فائدو وٺي سگهيا آهيون سو هڪ سوال ضرور آهي ۽ ان جو هڪ جواب اهو به آهي ته جيئن ته مثبت طاقتون متحد  ناهن هونديون تنهن ڪري مثبت ڪمن لاءِ مثبت ڌرين ۾ لاڙو به گهٽ ئي ڏٺو ويو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان بابر اياز جهڙين شخصيتن جو زندگي ۾ سندن قدر ڪرڻ ناهيون ڄاڻيندا نه ته هر سال سندن جنم ڏينهن جي تاريخن تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سونهري موقعو به مليل هوندو آهي پر اسان اهو ضايع ڪري پنهنجو عظيم نقصان ڪري ويهندا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.