چونڊن کي مشڪوڪ بڻائڻ جو اصل سبب

تحرير: سڪندر چنو

8 فيبروري جي اليڪشن بابت جيڪي گمان ۽ وسوسا ملڪ ۾ شروع ٿيل هئا اهي اليڪشن ڪميشن پاران بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو شروع ٿيڻ جي حڪم ڏيڻ کان پوءِ دم ٽوڙي ويا آهن. جڏهن ته سپريم ڪورٽ به اهو چوندي رهي آهي ته اليڪشن مقرر وقت تي ئي ٿيندي. هڪ ڏينهن به اڳتي پوئتي نه ٿيندي. سپريم ڪورٽ ته ايترو به چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو حڪم پٿر تي ليڪ آهي. ته پوءِ اجايو سينيٽ ۾ اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ قراردادون پيش ڪيون ويون. ڏٺو وڃي ته سينيٽ ۾ پيش ڪيل قرار داد وقت ڪورم به پورو نه هيو ته پوءِ ان ٺهرائن جي حقيقت ڪجهه ٻي پئي لڳي. جيڪا به اليڪشن ڪميشن ناڪام بڻائي ڇڏي. جڏهن سينيٽ جي اجلاس جو وقت به ختم ٿي رهيو هيو ۽ معزز ميمبر اجلاس مان ٻاهر نڪري رهيا هئا. سينيٽ ميمبرن کي ڪٿان فونون آيون هونديون. اصل مسئلو قومي ۽ صوبائي اميدوارن کي ٽيڪٽن ڏيڻ جو هيو ۽ ٽڪيٽون اهڙي نموني ورهائڻ جو آهي ته جيئن ڪرسي جو استحڪام ۽ سلامتي رهي. ڇاڪاڻ ته وڏي محنت سان ئي تمام قيمتي وڻ جي ڪاٺ مان ڪرسي تيار ڪئي وئي آهي. ان جو استحڪام ضروري آ.

هن وقت سڄو مسئلو استحڪام جو آهي. پنجاب ۾ ن ليگ، ق ليگ ۽ پاڪستان استحڪام پارٽي سيٽ ايڊجسٽمنٽ ڪري رهيون آهن. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم، ن ليگ ۽ جي ڊي اي سيٽ ايڊجسٽمنٽ ڪري رهيون آهن. پنجاب ۾ ڪجهه اهڙيون سيٽون به آهن جن لاءِ نواز شريف واڪ ڏيڻ کان في الحال عاري آهي. نواز شريف جي ڪوشش آهي ته وفاق سان گڏوگڏ پنجاب جي وزارت اعليٰ به ن ليگ وٽ رهي. ان لاءِ جيڪو نالو تجويز يا فائنل ڪيو ويو آهي ان بابت به عوام ڄاڻي  ٿو. ان کان هڪ انچ به پوئتي هٽڻ لاءِ نواز شريف تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته نواز شريف ضدي ۽ انا پرست آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻن پارٽين سان ٿيندڙ اتحاد وڻ ۾ اٽڪيل آهي.

گذريل هفتي نواز شريف ايتري قدر پريشان ٿي ويو هيو جو هو لنڊن واپس وڃڻ لاءِ به تيار ٿي ويو هيو. پر هن ڀيري سندس واپسي لنڊن نه پر سعودي عرب، قطر يا دبئي هجي ها. نواز شريف وٽ کٽڻ جي لاءِ ڪافي راند جا پتا وٽس موجود آهن. ۽ چاهي ٿو ته پاڪستان کان ٻاهر ويهي انهن کي استعمال ڪيان. هفتن کان جاري ڳالهيون تقريبًا مڪمل ٿي چڪيون آهن. پر ڪرسيءَ جي استحڪام لاءِ اڃان ڪجهه ڳالهيون سندس کي تسليم ڪرائڻيون پونديون جنهن لاءِ نواز شريف سڀ مطالبن تي هاڪاري موٽ ڏني آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو. جيڪڏهن ن ليگ پنجاب ۾ 25 ۽ مرڪز ۾ 14 سيٽون اتحادين لاءِ ڇڏي ٿي ته ۽ ڪي پي ڪي ۾ ست سيٽن کان سواءِ باقي سڀني تي پنهنجي نمائندگي ختم ڪندي تحريڪ انصاف کي سپورٽ ڪندي جڏهن پنهنجي اميدوارن جي قربانيءَ جو اعلان ڪري ته پوءِ سمجهي وڃجو ته اقتدار جي ورهاست وارو فارمولو طئي ٿي چڪو آهي. جيستائين سنڌ ۽ بلوچستان جو تعلق آهي ته اها ڳالهه باوثوق طور ٻڌايان ٿو ته اهي ٻئي صوبا سائين جي حوالي ٿيندا يعني پ پ جي. اڳوڻي نگران وفاقي وزير داخله سرفراز بگٽي ۽ بلوچستان جي سابقه ڪابينا جي ميمبرن به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي. ان مان واضح ٿئي  ٿو ته بلوچستان ۽ سنڌ پ پ جي جهولي ۾ ڏنا ويندا ۽ وفاق ۾ به پ پ حصيدار هوندي يعني قومي حڪومت، ٽڪيٽن جي ورهاست کان پوءِ ن ليگ جون تمام گهٽ ٽڪيٽون بلوچستان ۾ وڪرو ٿيون آهن. بنسبت پ پ جي ۽ ڪافي اميدوار آزاد اليڪشن وڙهي رهيا آهن. اهي جيڪي پنهنجي انتخابي تڪن ۾ اليڪشن کٽندا رهيا آهن. جڏهن اهي چونڊجي ايندا ته پوءِ حڪومت ٺاهيندڙ پارٽي مٿان پريشر وجهندا. پر آزاد اميدوار ۽ تحريڪ انصاف جا آزاد اميدوار جن کي بيٽ جي نشان کان محروم رکيو ويو آهي سڀ پ پ جي آکيري ۾ ويهندا. ۽ پوءِ ن ليگ پ پ  کان سواءِ، حڪومت ٺاهي ڪونه سگهندي. اڳتي هلي بي اعتمادي رٿ وسيلي بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نوجوان وزيراعظم بڻجي رهيو هوندو. دلچسپي صورتحال ڏسڻ ۾ اها آهي ته بلوچستان ۾ ن ليگ هڪ اميدوار کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو پر ان اميدوار ن ليگ ۾ شموليت کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. 8 فيبروري واري چونڊ کي مشڪوڪ بڻائڻ جو اصل سبب ٽڪيٽن جي ورهاست هئي. چار پنج اندرين گروپن جي خواهش آهي ته سندن حامي اميدوارن کي اڳيون سيٽون ڏنيون وڃن. جڏهن ته پنجاب يا مرڪز ۾ تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جن دوستن عدم اعتماد دوران ساٿ ڏنو هيو انهن سان ٻه واعدا ٿيل هيا ته ايندڙ اليڪشن ۾ توهان کي ٻيهر اسيمبلين ۾ آندو ويندو. پنجاب ۾ چوڌري نثار پنهنجي سيٽ باآساني کٽي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. سندس مد مقابل چوڌري سرور پاڪستان استحڪام پارٽي جي ٽڪيٽ تي بيٺل آهي ۽ چوڌري نثار آزاد اميدوار طور ميدان ۾ لٿل آهي.

ڏٺو وڃي ته سينيٽ ۾ پيش ڪيل قرار داد وقت ڪورم به پورو نه هيو ته پوءِ ان ٺهرائن جي حقيقت ڪجهه ٻي پئي لڳي. جيڪا به اليڪشن ڪميشن ناڪام بڻائي ڇڏي. جڏهن سينيٽ جي اجلاس جو وقت به ختم ٿي رهيو هيو ۽ معزز ميمبر اجلاس مان ٻاهر نڪري رهيا هئا. سينيٽ ميمبرن کي ڪٿان فونون آيون هونديون. اصل مسئلو قومي ۽ صوبائي اميدوارن کي ٽيڪٽن ڏيڻ جو هيو ۽ ٽڪيٽون اهڙي نموني ورهائڻ جو آهي ته جيئن ڪرسي جو استحڪام ۽ سلامتي رهي. ڇاڪاڻ ته وڏي محنت سان ئي تمام قيمتي وڻ جي ڪاٺ مان ڪرسي تيار ڪئي وئي آهي. ان جو استحڪام ضروري آ.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.