لاڙڪاڻو(رپورٽ:يوسف شيخ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي معاشي معاهدي جو مهورت ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي جي بيگم نصرت ڀٽو آڊيٽوريم هال ۾ عوامي معاشي معاهدي بابت بريفنگ ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ ملڪ مان غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ جامع معاشي معاهدو موجود آهي جنهن سان اسان ملڪ مان انهن مسئلن جو خاتمو ڪري سگهون. هن چيو ته اسان جي 10 نقاطي ايجنڊا ۾ غريب ماڻهن کي 300 يونٽ تائين مفت بجلي ۽ سولر پئنل فراهم ڪرڻ آهي، موسمي تبديلي کي روڪڻ لاءِ به اسان وٽ پلان آهي. هن ڌاڙيلن کي اپيل ڪئي ته هو هٿيار ڦٽا ڪري پرامن ماحول ۾ اچن ته اسين انهن جي عورتن کي به گهرن جا مالڪاڻا حق چاهيون ٿا، اسين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وسيع ڪنداسين هن چيو ته غريب هارين جي رجسٽريشن ڪري انهن کي هاري ڪارڊ ڏينداسين مزدور ڪارڊ جي ذريعي پينشن، معذوري، اولڊ ايج، هيلٿ انشورنس جون سهولتون پهچائي انقلاب آڻينداسين. هن چيو ته اسين نوجوان ڪارڊ جي ذريعي تعليم يافته ۽ اهل نوجوانن کي حڪومت طرفان هڪ سال تائين نوجوانن کي وظيفي جي رقم ڏيڻ سان گڏ خانگي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ملازمتون ڏيارينداسين، نوجوانن کي صحتمند سرگرميون فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي يوٿ سينٽر ۽ ڊجيٽل لائبريريون ٺاهينداسين. هن چيو ته يونين ڪائونسل سطح تي غريب خاندانن کي گهٽ قيمت ۾ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن پاڪستان جو ڪو به ماڻهو يا ٻار بکيو نه سمهي، ڄم دوران ٻارن جي موت جي شرح کي روڪڻ لاءِ نئين ٻار کي جنم ڏيندڙ عورتن کي هڪ هزار ڏينهن تائين وظيفي جي رقم ڏئي ٻار جي مفت ٽيسٽ ڪرائي گهربل طبي ۽ مالي سهولتون فراهم ڪنداسين، اسڪول ويندڙ ٻارن کي هڪ وقت جي ماني مفت ڏينداسين توانائي ۽ زراعت شعبي کي هڪ هزار 500 ارب روپيه سبسڊي طور ڏيارينداسين هوڏانهن نئين ديري ۾ خطاب ڪندي بلاول چيو ته جيڪڏهن هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام نقصان کڻندو،اڄ”هن “ جي مخالفت سان جيڪو ٿي رهيو آهي سڀاڻي ”هن“ سان به اهو ئي ٿيندو،ملڪ جي خراب حالتن جي ڪنهن کي به ڳڻتي ناهي،دهشتگرد ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن،هن چيو ته اسان ٻيهر ون يونٽ بڻائڻ ۽ سليڪٽڊ راڄ جي تسلسل جي سازش ناڪام بڻائي، هن چيو ته اسان سوچيو ئي نه هو ته جڏهن اسان ڪابل وڃي چانهن پي رهيا هئاسين ته اسان جي ان فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستان تي ڪهڙو بار پوندو، هن وقت ڪنهن کي ڪا دلچسپي ناهي ته عوام ڪيتري تڪليف ۾ آهي، اسلام آباد ۾ ڪيل فيصلن جي ڪري تاريخي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو وڏو معاشي بحران ڪڏهن نه آيو، معاشرو ورهايل آهي،