گوادر (م ڊ) جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿانهن قتل واقعن ،گرفتارين ۽ بلوچن جا مسخ ٿيل لاش ريگستانن ۾ اڇلائڻ خلاف اسلام آباد ۾ به بلوچ عورتن تي پوليس جي ظلم خلاف بلوچستان جي ٻين علائقن وانگر گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران تاريخي ۽ عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،جنهن ۾ هزارين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي،احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته رياستي ادارن پاران اڻڄاتل بلوچن سان بربريت ۽ ظلم ۽ ڏاڍائي ڪري سندن مسخ ٿيل لاش ريگستانن ۾ اڇلائڻ ۽ کين اغوا ڪري گرفتار ڪرڻ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.هن چيو ته ڪنهن به رياست ۾ سزا ۽ جزا ڏيڻ عدليه جي ذميواري آهي پر بدقسمتي سان هن رياست ۾ عدليه کان وڌيڪ اهڙا ادارا آهن جن پنهنجون رٽون ٺاهيون آهن ۽ ملڪ جي قانون کي لتاڙيو پيو وڃي.وسيلن تي حق گهرڻ ۽ آواز اٿارڻ وارن کي غداري ۽ تخريبڪاري جا لقب ڏنا ويندا آهن.هن چيو ته رياستي ادارا ملڪ جي قانون ۽ عدليه جو احترام نه ڪندي بلوچن جي قتل عام ۾ سڌي ريت ملوث آهن. هن چيو ته بلوچستان جا وسيلا صدين کان لٽجي رهيا آهن، جڏهن بلوچستان جو عوام پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائيندو آهي ته سندن آواز کي دٻايو ويندو آهي.قومي رياستي ادارا اچي ڏسن ته تاريخي ريلي ۾ هزارين بلوچ عورتن شرڪت ڪئي آهي هنن چيو ته بلوچستان جو هر ماڻهو ماه رنگ بلوچ ۽ سمي دين جي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي. هن چيو ته ووٽ وٺندڙن کي ٻڌڻ گهرجي ته هو ووٽ ڏيڻ لاءِ اسان جي دروازن تي نه اچن هوڏانهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اپيل تي منگچر، سربندن ۽ جيواني ۾ به احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مظاهرن کي حسين واڍيلا، نفيسه بلوچ، صغرا بلوچ، شاري بلوچ، رخسانه دوست محمد، زبيده بلوچ، فاطمه بلوچ، نعيمه بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪيو.