پي ٽي آءِ ڇڙوڇڙ، نواز شريف  ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ملاقاتون، مريم بابت اختلاف!

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کانپوءِ  ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ چوندن بعد حڪومتي جوڙ جڪ خاص طور معيشت جي بحاليءَ لاءِ مستقبل جي رٿابندي بابت ملاقاتون شروع ٿي ويون آهن.نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اطلاع اهي اچي رهيا آهن ته مريم نواز جي سياسي ۽ انتظامي مستقبل بابت اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز شريف وچ ۾  اختلاف موجود آهن، نواز شريف ڇاڪاڻ ته مريم نواز کي پارٽي معاملا منتقل ڪري چڪو آهي ۽ پنجاب ۾ مريم کي وڏ وزارت ڏياري انتظامي تجربو ڪرائڻ چاهي ٿو پر نظر اهو ٿو اچي ته شايد اسٽيبلشمينٽ کي هڪ ته اڃان تائين مريم نواز بابت خدشا آهن، ٻيو ته مرڪز ۾ نواز شريف وزيراعظم ۽ پنجاب ۾ سندس ڌيءُ وڏ وزارت جي ڪرسيءَ  تي اچڻ به شايد اسٽيبلشمينٽ کي مناسب نه ٿو لڳي، جڏهن ته نواز شريف هر صورت ۾ مريم کي به پنجاب ۾ ذميواري ڏيڻ ۽ پاڻ وزيراعظم ٿيڻ تي بضد آهي، ان ڪري اختلاف موجود آهي ۽ مختلف آپشنن تي غور ويچار هلي رهيو آهي. نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته نواز شريف سان راولپنڊيءَ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ مريم نواز،شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ اسحاق ڊار به موجود هئا. اٽڪل ٻه اڍائي ڪلاڪ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي مستقبل جي معاشي پاليسيءَ  تي غور ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مستقبل جي حڪومتي جوڙ جڪ بابت به ڳالهيون ٿيون آهن، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اهي به اطلاع آهن ته مريم نواز جي آبپاره ۾ به اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ پڻ مستقبل جي سياسي ۽ معاشي پاليسين بابت غور ويچار ڪيو ويو آهي. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مکيه ٻه وڏيون پارٽيون ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي آهن، اسٽيبلمينٽ سان فيصل واوڊا ذريعي پيپلز پاٽيءَ جا به  رابطا آهن، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ جي اوليت اها آهي ته هر صورت ۾ سياسي استحڪام اچي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ معاشي ترقي ڪري سگهندو. ان لاءِ ٻنهي پارٽين سان مستقبل جي سياسي ۽ معاشي پاليسين بابت تفصيلي ملاقاتون ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.