اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ٿيون آهن. سيڪريٽري اليڪـشن ڪميشن عمر حميد جي استعفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر، عمر حميد جي استعفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. ڊاڪٽر سيد آصف حسين کي اليڪشن ڪميشن جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر، سيڪريٽري اليڪشن ڪمشنر آصف حسين کي هڪ سال لاءِ مقرر ڪيو آهي. اليڪشن ڪمشنر بلوچستان اعجاز انوار چوهاڻ جي بدلي ڪري پنجاب جو اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي، پنجاب جي اليڪشن ڪمشنر سعد گل کي بدلي اليڪشن سيل اي سي پي اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي.