شير افضل پارٽي اڳواڻن جي بيانن مان مايوس، چونڊ مهم ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر شير افضل مروت پنهنجي ئي پارٽي جي ترجمان رئوف حسن کي سازش  قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن خانگي ٽي وي پروگرام ۾ شير افضل مروت جي بيانن تي لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته شير افضل مروت جي پارٽي ۾ ڪا به حيثيت ناهي، پارٽي سندس ڪنهن به بيان کي قبول نه ڪندي. پارٽي ترجمان جي ڳالهه ٻولهه تي رد عمل ظاهر ڪندي شرافضل مروت پنهنجي هڪ بيان ۾ رئوف حسن کي سازشي قرار ڏنو. هن چيو ته پارٽي ترجمان رئوف حسن 4 ڀيرا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي منهنجي خلاف ڳالهايو، رئوف حسن سازشي آهي ۽ اڪثر پارٽي اندر ڏار وجهڻ ۾ رڌل آهي. شرافضل مروت چيو ته منهنجي خلاف اها مهم سنڌ جي ڪامياب مهم کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي وئي آهي، مان درجنين وڪيلن ۽ ڀينرن سان گڏ عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي. هن چيو ته رئوف حسن پي ٽي آءِ مخالف صحافين کي ٽڪيٽون ڏيڻ چاهي ٿو، هن پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ شيراني گروپ جو اتحاد ختم ڪيو، رئوف حسن نگران حڪومت ۾ موجود پنهنجي ڀاءُ فواد حسن فواد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.