8 فيبروري تي” انهن “کي جهٽڪو لڳندو،اسان وٽ پلان سي به موجود آهي:عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته 8 فيبروري جي عام چونڊن لاءِ ”پلان سي“ به تيار آهي ۽ پولنگ جي ڏهاڙي انهن کي  ”جهٽڪو“ لڳڻ وارو آهي،عوام کي روڪي نٿو سگهجي، ان ڪري اهي ڊنل آهن،راولپنڊي  جي اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ موجود ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته مون حڪومت ڪيرائڻ باوجود جنرل باجوا سان ڳالهيون ڪيون ۽ جنرل باجوا کي چيو هو ته صاف ۽ شفاف چونڊون مسئلن جو حل آهن،عدالتي ڪمري ۾ موجود صحافين مان هڪ قاضي رضوان ۽ هڪ اهلڪار موجب اڳوڻي وزيراعظم چيو ته لنڊن پلان تحت جمهوريت کي پامال ڪيو پيو وڃي ۽ چونڊ مهم شروع ٿيڻ باوجود ماڻهن کي کنيو پيو وڃي.هن دعويٰ ڪئي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کيس چيو هو ته چڱن غلامن وانگر سائفر جي ڳالهه عوام ۾ نه ڪريو نه ته ڪيسن جي برسات ٿيندي، عمران خان اهو سوال پڇيو ته ڇا سائفر جي معاملي تي عوام کي آگاهه ڪرڻ ۽ حڪومت ڪيرائڻ جي سازش کي وائکو ڪرڻ غداري آهي؟ هن چيو ته سياسي استحڪام لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهن۽ ملڪ رڳو سيڙپڪاري سان هن ڌٻڻ مان نڪري سگهي ٿو جيڪو سياسي استحڪام کان بغير ممڪن ناهي، هن چيو ته 9 مئي واقعن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي جيلن ۾ وڌو ويو، آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل واقعي ۾ سي سي ٽي وي جي مدد سان ماڻهن کي پڪڙيو ويو هو، هن سواليه انداز ۾ چيو ته لاهور جي ڪور ڪمانڊر هائوس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ جي ايڇ ڪيو جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڪنهن چوري ڪئي؟ هن چيو ته ماڻهو بيوقوف ناهن،اهي ڄاڻن ٿا ته فوٽيج چوري ڪرڻ جا وسيلا ڪنهن وٽ آهن؟ اسان چئي چئي ٿڪجي پيا آهيو ته 9 مئي واقعن تي آزاداڻي انڪوائري ڪرائي وڃي، عمران خان چيو ته ڪڏهن فوج خلاف ڪجهه نه ڪيو ۽ جڏهن مون تي گوليون هليون ته اسان ان وقت به ڪجهه نه ڪيو، هن چيو ته 9 مئي لنڊن پلان جو حصو آهي ۽ ان حوالي سان پي ٽي آءِ سان همدردي رکندڙ ماڻهن کي اغوا ڪري تشدد ڪيو وڃي ٿو۽ جيڪڏهن اهي نٿا مڃين ته پوءِ آءِ سي يو پهچي وڃن ٿا،هن اليڪشن ڪميشن، پوليس ۽ ايف آءِ اي تي ”لنڊن پلان“ جو حصو هئڻ جو الزام هنيو،هن اهو به چيو ته اليڪشن کان اڳ پي ٽي آءِ جي پهرين ۽ ٻئي درجي جي قيادت کي هٽرايو ويو ۽ چونڊ نشان کسيو ويو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.