اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ نيب ڪيس ۾ جيل ٽرائل کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جيل ٽرائل جي ٻنهي نوٽيفڪيشن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. عمران خان طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن 14 نومبر تي جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته توشه خانه ڪيس ۾ جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن 28 نومبر تي جاري ڪيو ويو هو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيل ٽرائل جا نوٽيفڪيشن غير قانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ درخواست جي التوا تائين ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي روڪي وڃي. عمران خان طرفان داخل ٻنهي درخواستن ۾ چيئرمين نيب ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.