اليڪشن ملتوي ڪرائڻ بابت ٺهراءُ آئين جي ڀڃڪڙي آهي: سراج الحق

منصوره (پ ر ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته دليور نه ڪرڻ وارا هن ڀيري آخري اليڪشن وڙهندا. هاڻي ٻن خاندانن جو نه پر عوام  جو وارو آهي. 8فيبروري جو سج جمهوريت جي تمنا رکندڙن کي روشن ڪندو. منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اليڪشن بابت سينيٽ قرارداد آئين جي ڀڃڪڙي آهي، وقت تي چونڊون خلاف ڪو به قدم غير جمهوري عمل هوندو. نائب امير جماعت اسلامي لياقت بلوچ سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم. ڊپٽي سيڪريٽري جنرل اظهر اقبال حسن. سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف ۽ امير لاهور ضياءِ الدين انصاري ايڊووڪيٽ به موجود هئا. سراج الحق چيو ته1985 کان وٺي اقتدار ۾ رهندڙ ن ليگ سربراهه هاڻي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو خواهش مند آهي. پ پ جو چئيرمين چئي رهيو آهي ته حڪومت ۾ اچي 300يونٽ بجلي مفت ڏينداسين. ته 15سال سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙن بجلي سستي ڇونه ڪئي.  سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي 300بجلي يونٽ مفت ڪندي. وسيلن جو منهن عوام ڏي ڪري انهن کي صحت تعليم روزگار گهر مفت ۾ فراهم ڪندي. بنيادي سهولتن کي يقيني بڻائي انهن کي پنهنجا حق ڏيندي.  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي ڪابه ڪمي نه آهي، هر سال ساڍا سرنهن ارب روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا. هتي صاف پاڻي، گئس ناهي. آلودگي سبب ڪيترا ماڻهو اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن. پوڻا ٽي ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. ملڪ 80هزار ارب جو قرضي آهي. دهشتگردي ۾ 85هزار ماڻهو مري چڪا آهن. ۽ انصاف جي حوالي سان پاڪستان 146ملڪن جي ۾ 129نمبر تي آهي ججن جون پگهارون ٽاپ ٽين لسٽ تي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.