ڏهرڪي (رپورٽ: منصور پيرزادو/ اجيت ڪمار) ڏھرڪي ۾ عورت بي دردي سان قتل، سندس لاش نڪ ۽ ڳلو ڪٽيل رسن سان ٻڌل حالت مليو، ڏھرڪي جي راجا ڪالوني ۾ شادي شده عورت نظيران زال وزير احمد شيخ جو لاش نڪ ۽ ڳلو ڪٽيل حالت ۾ رسن سان ٻڌل حالت ۾ مليو، اھڙي اطلاع ملڻ تي ڏھرڪي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا جو لاش ھٿ ڪري ڏھرڪي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سندس مڙس حوالي ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ وزير احمد شيخ جو چوڻ آھي ته مان گھر کي ٻاھران تالو ھڻي نڪري ويس واپسي تي زال جو لاش مليو جيڪو رسن سان ٻڌل حالت ۾ ھو، هن چيو ته منھنجي گھرواري جو نڪ ۽ ڳلو تيز اوزار سان ڪٽيو ويو آھي جيڪو ڏھرڪي پوليس کي ھٿ آيو آھي، ڏھرڪي پوليس مقتولا جي مڙس پاران متضاد بيان ڏيڻ تي کيس پنھنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو، جڏھن سندس نشادھي تي ٻن اڻڄاتل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا چوٻول آھن، رابطو ڪرڻ تي ڏھرڪي پوليس ٻڌايو ته عورت کي پلاننگ سان قتل ڪيو ويو جنھن واقعي جي جاچ ھلي رھي آھي. پوليس موجب عورت جا قاتل جلدي گرفتار ڪيا ويندا.