ياسر قاضي:آواز جي دنيا جو ستارو

تحرير: طارق عزيز شيخ

سنڌ ۾ ھن وقت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاندان مس وڃي بچيا ھوندا، جن جو نسل ادبي وراثت کي سنڀاليندو پيو اچي. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نامياري عالم قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جو خاندان انھن ۾ سڀ کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. ھن خاندان جو شايد ئي ڪو فرد ھوندو، جيڪو شاعر، اديب، مصوّر، محقق، ماھرِ تعليم يا صحافي سميت ڪنھن نه ڪنھن شعبي سان سلهاڙيل نه ھجي. ادب جي ھر دؤر ۽ ھر ٽھيءَ ۾ هن خاندان جي نمائندگي موجود رھي آھي. اڄ به ھن خاندان جا ڪيترائي ڏيئا جرڪي رھيا آھن، جن ۾ ياسر قاضي سڀني کان نمايان نظر اچي ٿو.

ياسر قاضي آرٽ جي سمورن شعبن ۾ قابليت رکندڙ شخصيت آھي. ھن جا ڪيترائي رخ آھن ۽ هُو ھر رخ ۾ پنھنجو منفرد مقام رکي ٿو. ھُو جيترو بھترين شاعر آھي، اوترو بھترين مضمون نگار آھي. جيترو ماھر مترجم آھي، اوترو ئي زبردست محقق آھي. جيترو سٺو مصور آھي، اوترو ئي عاليشان خطاط به آھي. ھن جو ھر پھلو تعريف جي لائق آھي، پر مون کي سندس ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي ڪمپيئرنگ وارو پھلو سڀني کان وڌيڪ اثرائتو لڳو.

گھڻ رخي شخصيتن جي باري اھو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آھي ته ان جي ڪھڙي پھلوءَ کي ڇڏي ڪهڙي پهلوءَ کي بيان ڪجي. ياسر قاضيءَ بابت لکڻ وقت به ائين ئي لڳندو آھي، پر مون کي سندس شخصيت جو اسٽيج ڪمپيئرنگ ۽ نظامت وارو پھلو باقي پھلوئن تي وڌيڪ حاوي لڳندو آھي.

پروردگار ھن جي آواز ۽ ادائگيءَ ۾ جيڪا خوبصورتي ڏني آھي، سا گھٽ ماڻھن کي نصيب ٿيندي آھي. ياسر جڏهن اسٽيج تي ڳالھائيندو آھي ته سندس ڳالھائڻ وڻندو آھي، آواز جي به پنھنجي سونھن ھوندي آھي، جيڪا ٻڌڻ واري کي پاڻ ڏانھن متوجهه ڪندي آهي ۽ اھا به آواز جي ڇڪ ئي ھوندي آھي، جنھن جو سحر لکين ماڻھن مٿان طاري ٿيندو آهي. ياسر قاضي ادبي ڪانفرنسن يا موسيقيءَ جي پروگرامن ۽ ميلن جي اسٽيجن جِي جڏهن ڪارروائي ھلائيندو آھي، تڏھن سڄي محفل کي ڪجھه دير ۾ ئي پنھنجو ڪري ڇڏيندو آھي، اھا به وڏي خوبي آھي، جيڪا ڪنھن ڪنھن ۾ ھوندي آھي. سنڌ جا ھونئن ته سڀئي ڪمپيئر سٺا آھن، پر ياسر قاضيءَ جي انفراديت جو سبب اھو آھي ته ھو تمام گھڻو پڙھيو ڳڙھيو آھي.

شاھ لطيف، قاضي قادن، سچل کان اياز تائين، غالب، اقبال کان فيض تائين، شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ، چاسر کان ويندي ايليٽ تائين سندس ڳوڙھو مطالعو ڪيل ته آھي ئي، پر ان سان گڏوگڏ اڻ ڳڻين شاعرن جو ڪلام کيس برزبان ياد به آھي ۽ کين پڙهڻ جو دلفريب انداز به هن وٽ موجود آهي. ائين ئي نثر جي ڀاڱي ۾ ھن کي سنڌ کان ويندي انگريزي ادب جي فڪشن، تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد جو مطالعو ڪيل آھي. اھا وڏي خاصيت آهي، جيڪا ھر ڪمپيئر ۾ ناھي ھوندي. اھوئي سبب آھي جو وٽس ڄاڻ جو خزانو ۽ لفظن جو ذخيرو ملي ٿو. ان کان علاوه ھن جي اھا به وڏي خوبي آھي ته هُو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي مڪمل عبور رکي ٿو، ھن ٽنھي ٻولين ۾ لاتعداد ڪامياب اسٽيج پروگرام ڪيا آھن ۽ ڪندو رهي ٿو.

ياسر قاضيءَ نائين ڪلاس جي شاگرديءَ واري زماني کان وٺي اسٽيج ڪمپيئرنگ جو آغاز ڪيو، جڏهن ھو پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پڙھندو ھو. انھيءَ ڄمار ۾ عام ٻار ته پنھنجي ڪلاس ۾ سبق پڙھڻ کانسواءِ وڏي آواز ۾ ڳالھائي به ناھي سگھندو، پر ياسر قاضي ان عمر کان اسٽيج سنڀالي. عام طور تي ڏٺو ويو آھي ته اعليٰ سطح جا سرڪاري پروگرام جيڪي ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌي يا اردوءَ سان گڏ انگريزي ٻوليءَ ۾ به منعقد ڪيا ويندا آھن، انهن ۾ انگريزيءَ ۾ ڳالھائڻ لاءِ کاتي يا اداري جو ڪو اھڙو آفيسر جيڪو انگريزيءَ ۾ سٺي رواني رکندو آهي، سو اچي حاضرين کي منھن ڏيندو آھي، پر جنھن پروگرام ۾ ياسر قاضي ھوندو آھي، اتي اھڙن سھارن جي ضرورت پيش ناهي ايندي، بلڪه اڪثر ائين به ٿيندو آھي ته ڪامورن کي به اسٽيج تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪارروائي ھلائڻ ڏکيو لڳندو آھي يا ناهي ايندو، اتي ياسر قاضي معاملا سنڀالي ادارن جي ساک بچائيندو آھي. اھڙا ڪيئي واقعا پيش آيل آھن.

ياسر قاضي ريڊيي جي روايتي ميڊيم ويو نشريات توڙي ايف ايم ريڊيو، ٻنھي طرز جي نشرياتن جا پروگرام ڪرڻ ۾ مھارت رکي ٿو. انهن ٻنھي جاين تي پروگرامن جو الڳ الڳ طريقو هوندو آھي. سرڪاري ۽ نجي ايف ايم ريڊيو تي موسيقيءَ جا ھڪڙا پروگرام روايتي انداز جا ٻُڌا ويندا آھن ۽ ٻيا تيز گفتگو ۽ موسيقيءَ وارا، جيڪي ”ڊرائيو ٽائيم“ جي نالن سان ھلندا آھن. ياسر قاضي ٻنھي نوعيت جي پروگرامن کي سھڻي نموني پيش ڪندو آھي. سندس سنڌي ۽ اردو لائيو پروگرامن ۾ موسيقيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ کان وٺي گلوڪارن جي مڪمل معلومات فراهم ڪرڻ تائين ۽ تاريخي واقعن کان ويندي موجوده صورتحال تائين، ٻڌندڙ جو سڄو وقت سجايو گذرندو آھي، نه ته عام طور تي اسان جو قيمتي وڃائڻ وارا پروگرام ايف ايم ريڊيو تي ھر وقت پيا ھلندا آھن.

اڄ 17 جنوري ــ آواز جي دنيا جي هن منفرد ستاري ياسر قاضيءَ جو جنم ڏينهن آھي. کيس دعائن سان کوڙ ساريون واڌايون ڏيون ٿا. ھو ڏيهه پرڏيهه ۾ جتي به وڃي ٿو، سنڌي قوم جو نمائندو بڻجي وڃي ٿو. اسان کي مٿس فخر آھي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.