ور (رپورٽ:ابراھيم خشڪ) ٺٽي ضلعي اندر بدآمني جو راڪاس، ور شَھر ويجهو جاڙادالي روڊ تي سوزوڪي ڊرائيور مزاحمت تي ڦُر جي ڪوشش ڪرڻ دوران قتل، ور شھر ويجھو جاڙادالي روڊ تي ڪراچي کان واپس ڳوٺ ويندڙ سوزوڪي کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي هتياربندن فائرنگ ڪري سوزوڪي ڊرائيور 28 ورهين جي نوجوان روشن علي جاڙو کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول ڊرائيور جي وارثن ڀاءُ خادم جاڙو چيو ته ور شھر لڳ ڳوٺ حاجي قادر بخش جاڙو واسي سندس ڀاءُ سوزوڪي ڊرائيور نوجوان روشن علي ولد علي محمد جاڙو ڪراچي ۾ ڪڪڙيون کپائي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته ور شهر لڳ جاڙادالي روڊ تي ڦورون پاران کيس ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن کيس گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو آهي، مقتول نوجوان جو لاش پوليس پاران وارثن سان گڏ پوسٽ مارٽم لاءِ ور اسپتال منتقل ڪرائي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر نوجوان جي جسم تي گوليون لڳڻ جي تصديق ڪندي چيو ته نوجوان ڊرائيور جو موت گوليون لڳڻ ڪري ٿيو آهي، نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنھن جنازي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين، ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، آخري اطلاعن تائين پوليس ڪا به ڪارروائي عمل ۾ آڻي ناھي سگھي ۽ نه ڪيس داخل ڪري سگھي.