سنڌ هاءِ ڪورٽ نواز ليگ جي ٻن اميدوارن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي 2 صوبائي اميدوارن جون ائيني درخواستون رد ڪري ڇڏيون، مسلم ليگ پي ايس 116 جي اميدوار سڪينا انور جي  اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي خلاف آئيني درخواست رد ڪري ڇڏي، مسلم ليگ  ن جي پي  ايس 27 جي  اميدار حاجي امين مانا جي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت آزاد اميدوار محمد فاروق جي به الڪيشن ڪميشن جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، رٽرننگ آفيسر مسلم ليگ ن جي پي ايس 88 تان اميدوار حاجي اميدن مانا جي به اليڪشن ٽربيونل جي به اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت آزاد اميدوار محمد فاروق جي به اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، رٽرننگ آفيسر مسلم ليگ ن جي اميدوارن جي لاڳاپيل تڪ تان تجويز ڪندڙ تاحيد ڪندڙ نه هجڻ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا. اليڪشن ٽربيونل تي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي.

پاڪ افغان سرحد تي پاسپورٽ ۽ ويزا جي پابندي لاڳو، واپاري سرگرميون معطل

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان-افغان سرحد تي پاسپورٽ ۽ ويزا شرط لاڳو ٿيڻ کان پوءِ وڏي تعداد ۾ گاڏيون بارڊر تي رڪجي ويون  آهن پر پيادل اچ وڃ جاري آهي. پاڪستان حڪومت افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ پاسپورٽ ۽ ويزا جي شرطن تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ واپاري سرگرميون معطل ٿي ويون آهن. طورخم کان مقامي ماڻهن ٻڌايو آهي ته سرحد جي ٻنهي پاسن کان وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيٺيون آهن، جن مان اڪثر ٽرڪون ۽ ڪنٽينر آهن. پاڪستان جي افغان پاليسي ۾ گذريل ڪجهه مهينن ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن، جنهن تحت پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي وطن واپسي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه سرحد تي پاسپورٽ ۽ ويزا جون شرطون به رکيون ويون آهن. ان کان اڳ پاڪ افغان سرحد جي ڀرسان رهندڙ ماڻهو خاص پرمٽ يا مقامي شناختي ڪارڊن سان سرحد جي ٻئي پاسي اچي وڃي سگهندا هئا. پاڪستان حڪومت ان سموري اچ وڃ کي منظم ڪرڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا کي لازمي قرار ڏنو آهي. واپارين جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان سرحد تي پاليسين جي تبديلي سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ کين وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.