سائين جي ايم سيد جي سڀاڻي 120 هين سالگرهه،سن سينگارجي ويو

سن/مانجهند(نمائندن وٽان) جديد قومپرستي جي باني مفڪر اعظم سنڌ ۽ سنڌي  قوم جي عاشق سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرهه  ملهائڻ جي سلسلي ۾ سن شهر واسين توڙي سيد جي پيروڪارن طرفان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ، سيد جي سالگرهه حوالي سان سيد جو شهر سن ايس يو پي  سميت قومي ڪهاڙي واري جهنڊي سان ڪنوار جيان سينگارجي ويو آهي، سيد خاندان ۽ ايس يو پي طرفان سائين جي ايم سيد جي درياھ واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل اڄ رات منعقد ڪئي وئي آهي  جنهن ۾ سنڌ جو قومي فنڪار وقار ملاح، صوفي راڳي مسرور سولنگي ۽ غلام حسين سولنگي توڙي شاھ حيدر سنائي جو سنگ صوفياڻا ۽ قومي ڪلام ڳائي جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪندا، رات 12 وڳي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي پڻ ڪڍي ويندي، 17 جنوري تي ايس يو پي جو وڏو سياسي جلسو رٿيل آهي سيد جي پيروڪار قومپرست جماعتن جن ۾جيئي سنڌ محاذ ، جسقم آريسر ، جيئي سنڌ تحريڪ ، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻن طرفان جوڙيل  رهبر ڪميٽي ۽ جسقم بشير قريشي طرفان الڳ الڳ جلسا رٿيل آهن رهبر ڪميٽي جو ڪنوينر جسم چيئرمين رياض چانڊيو ،جسقم آريسر چيئرمين اسلم خيرپوري ، جيئي تحريڪ چيئرمين سورهيه سنڌي ، جيئي قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زئور ،  سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، عبدالفتاح چنا 17 جنوري جي ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي قومي ڪارڪنن ۽ پنهنجي پنهنجي مرڪزي قيادت سان سڏ قافلي جي صورت ۾ سن پهچندا جتي گڏيل طور سائين جي ايم سيد جي ان سلسلي ۾ جسقم طرفان جاري ڪيل پريس بيان ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته 17 جنوري تي  سن شهر ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 120هين سالگرھ تي سيراندي کان وڏو قومي جلسو ٿيندو، جتي سنڌ ۽ سيد جا عاشق هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي سنڌ جي رهبر کي قومي سلام پيش ڪندا، جسقم چيئرمين صنعان قريشي بيان  ۾  چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ سنڌ لاءِ جدوجهد ڪري سنڌ جو وجود بچائي سگهون ٿا، هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ سرور گروپ جو مرڪزي پارٽي چيئرمين صوفي حضور بخش ، علي نواز ٻٽ ، آزاد قاضي ، فيض الله جوڻيجو ۽ ٻيا سائين جي ايم سيد سالگرهه جي سلسلي ۾ سن پهچندا  جتي مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندا ، جڏهن جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي پڻ پنهنجي مرڪزي قيادت ڪارڪن سان سن پهچي سيد جي مزار تي حاضري ڀريندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.