پهريون ڀيرو اليڪشن کان اڳ وزير اعظم چونڊجي چڪو آهي: اعجازالحق

بهاولنگر (م ڊ) مسلم ليگ ضياءَ جي سربراهه اعجازالحق چيو آهي ته پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته اليڪشن کان اڳ ئي وزيراعظم جي چونڊ ٿي  چڪي آهي. بهاولنگر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعجازالحق چيو ته اٽڪ کان رحيم يار خان تائين اسان جا حمايتي اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته هي پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم پهرين چونڊجي ويو ۽ چونڊون بعد ۾ ٿينديون. ضياءَ ليگ سربراهه وڌيڪ چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ليول پلئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، ايندڙ حڪومت پي ڊي ايم جو ٻيو نسخو هوندو. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، عوام کي دوکو ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.