ميهڙ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، حاضري تي ويندڙ نوجوان قتل، 2 ڀائٽيا زخمي

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ڇن ڀنڀور واري علائقي پنھنجا گھر جي رھواسين کوسا ۽ جمالي برادري ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ميھڙ ڪورٽ ۾ حاضري تي ايندڙ جمالي برادري جي ماڻھن مٿان تاڙ ۾  ويٺل جوابدارن ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد حاجن شاھ قبرستان ٻيٽو روڊ وٽ فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب 41 ورھين جو راحب علي جمالي مارجي ويو، جڏھن ته ٻه ڀائٽيا آدم ۽ يعقوب جمالي زخمي ٿي پيا واقعي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏھن ته زخمي ھڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري ھنڌ تڙپندا رھيا واقعي جي اطلاع بعد پوليس پھچي زخمين ۽ فوتي جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ پھچايو زخمين جي حالت به انتھائي نازڪ ھجڻ ڪري کين  لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول شخص جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ميھڙ پوليس موجب 5 سال اڳ ميھڙ جي ڀنڀور واري علائقي پنھنجا گھر ۾ کوسا ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڳالهه ۽ سڱاوتي معاملي تان جھيڙو ٿيو ھو فائرنگ ۾ کوسا برادري جو نوجوان مير حسن کوسو قتل ٿيو ھو، واقعي بعد کوسا برادري جي ڌر ڳوٺ مان لڏي نصيرآباد وئي ھئي، واقعو ذاتي دشمني سبب پلاند طور ٻڌايو پيو وڃي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون، زخمي ڀائٽن ٻڌايو ته اسين ڳوٺ کان موٽرسائيڪل تي ميھڙ ڪورٽ حاضري لاءِ اچي رھيا ھئاسين ته حاجن شاهه قبرستان ڀرسان تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن محمد نواز کوسو ۽ سندس جي پٽن احسان سميت 6 جوابدارن حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي جنھن سبب چاچو راحب علي جمالي مارجي ويو، ھوڏانھن تعلقي اسپتال ميھڙ جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب پوسٽ مارٽم دوران مقتول شخص کي پيٽ ۽ پاسن ۾ 4 گوليون لڳل ھيون، جڏھن ته زخمين کي به ٻه ٻه گوليون لڳل ھيون جن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کيس لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.