ڪراچي ۾ سردين دوران به لوڊشيڊنگ، 16 ڪلاڪن تائين بجلي بند

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ سردين ۾ به بجلي لوڊشيڊنگ جاري آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي  لوڊشيڊنگ ۾ غير معمولي اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وفاقي راڄڌاني واري علائقي ۾ 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته لياقت آباد سي ون ايريا ۾ 16 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ جون شڪايتون مليون آهن. ان کان علاوه لانڍي، ڪورنگي، اولڊ سٽي ايريا، الله والا ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ به 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. شهرين جو چوڻ آهي ته سياري ۾ بجلي جي طلب گهٽ ٿيڻ باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ سمجھ کان ٻاهر آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته نيپرا بجلي جي لائسنس جي وڌيڪ تجديد نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.