ڪراچي (م ڊ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس پٽ عواب علوي جو چوڻ آهي ته علوي خاندان لکين پاڪستانين جيان عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سان گڏ آهي. هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت صدر عارف علوي کي ڊڄڻو، ڀاڃوڪڙ قرار ڏيندي چيو هه ته عواب علوي پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني جنهن جي مون سخت مخالفت ڪئي. ان بيان کانپوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هڪ طوفان برپا ٿي ويو، جنهن تي عواب علوي خاموشي ٽوڙيندي پهريون ڀيرو کليل طور تي ملڪ جي صدر جي عمران خان سان وابستگي بابت لکيو. هن پنهنجي بيان ۾ لکيو ته علوي خاندان پاڪستان جي ڪروڙين عوام وانگر عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سان گڏ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي جي فيصلن تي حساسيت سبب غلط فهمي جو اظهار ڪندي خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ان دليل کي ڄاڻن ۽ سمجهن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي جي فيصلن بابت غلط فمهين جي حساسيت جي ڪري اختيار ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ان دليل کي ڄاڻن ۽ سمجهن ٿا. عواب علوي لکيو ته عارف علوي عمران خان خلاف ڪنهن به غير آئيني ڪوشش کي روڪڻ لاءِ موجود هو، عارف علوي کي ملڪ ۾ چونڊون روڪڻ لاءِ ڪنهن به غير آئيني قدم کي روڪڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو، سندس غير موجودگي ۾ نگران حڪومت کي پابند بڻائڻ جي صورت ۾ صدر آرڊيننس تي دستخط ڪيا.